22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: ٽنڊو آدم: پ ٽ الف پاران تعليم جي عالمي ڏهاري جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ٽنڊي  آدم ۾ پ ٽ الف پاران  تعليم جي  عالمي ڏهاري جي  حوالي سان تعليم پرايو سنڌ بچايو تعليمي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي  سنڌي مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي جنهن ۾  تعلقي ٽنڊي آدم جي اسڪولن جي شاگرن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پ ٽ الف جي تعلقي صدر لکا ڏنو خاصخيلي،  غلام رسول ٻجوري ،  ساگر ڏهراج ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم سان ئي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

هنن چيو تھ  والدين کي گهرجي ته وڌ کان وڌ پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ۽ پنهنجن اسڪولن جي مالڪي ڪن.

هنن تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ پاران پنهنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ داخلا ڪرائڻ واري قدم جي ساراه ڪندي چيو تھ  اسڪولن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيئن تعليمي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهير سگهن……………

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پٿورو: آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن جو احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے