22 جمعہ , فروری 2019

نيب آفيسرن جي ذاتي پرڏيهي دورن تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين طرفان آفيسرن جي ذاتي پرڏيهي دورن تي پابندي مڙهي وئي آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) جي پڌرائيءَ موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب آفيسرن جي ٻاهرين ملڪن جي ذاتي دورن تي پابندي لڳائي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پابندي نيب جي سڀني آفيسرن تي لاڳو هوندي پر عمري تي ويندڙن لاءِ اها پابندي نه هوندي. پڌرائي موجب مجاز اٿارٽي کان سواءِ ٻاهرين ملڪ سفر ۽ ٽڪيٽ ريزرويشن به روڪي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے