22 جمعہ , فروری 2019

انصاف جو ٻٽو معيار، اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود لياقت جتوئي ڪيئن ٿيو فرار؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل تحريڪ انصاف اڳواڻ لياقت جتوئي اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود ٻاهرين ملڪ هليو ويو. تحريڪ انصاف اڳواڻ لياقت جتوئي تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جا الزام آهن، جڏهن ته نيب جي سفارش تي لياقت جتوئي جو نالو اي سي ايل ۾ به شامل آهي. ذريعن موجب لياقت جتوئي هڪ ڏينهن اڳ ون ٽائم پرميشن لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏني هئي، جيڪا ان ئي ڏينهن منظور ڪئي وئي ۽ لياقت جتوئي ان ئي ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي طرفان عمري جي ادائيگي کانپوءِ ڏيهه ورڻ جي خاطري تي گهرو وزارت سندس درخواست منظور ڪئي. تحريڪ انصاف اڳواڻ 4 فيبروري تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهري آهي. ذريعن موجب گهرو وزارت ان ڏس ۾ نيب کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هوڏانهن نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے