ڪوٽڙي ۾ سياسي ۽ سماجي پارٽين پاران سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ هدايت لوهار جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج ڪيو ويو .
سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن عبدالفتاح چنه، شمشاد ميڻو ، يوسف سارنگ ، ممتاز ڳورڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .
جسقم، جسقم آريسر ۔ ٻولهاڙي اتحاد ۔ جست ۽ ايس يو پي پاران سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ هدايت لوهار جي گهر تي چڙهائي خلاف قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران المدينه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رياستي ادارن قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا .
هنن چيو ته هدايت لوهار جي گهر تي بنا ڪنهن سبب جي چڙهائي ڪرڻ وارو عمل پڻ مذمت جوڳو عمل آهي .
اڳواڻن چيو ته گم ٿيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔