22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: ڏوڪري: سماج سڌارڪ ٽيم ٻلهڙيجي واسين جي ڪهڙي ڪئي خدمت؟

موهن دڙي جي ڪک ۾قائم ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾سماج سڌارڪ ٽيم طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ ڪرائي وئي.

ڳوٺاڻن جي هيپاٽائيٽس اسڪريننگ لاءِ فراز پيرزادي، اعجاز ساريي، امجد پيرزادي، محبوب ملاح، جمشيد پيرزادي، منير ماڇي، جاويد پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾اعجاز ساريو جي اوطاق تي ڪيمپ لڳائي وئي.

ليب ٽيڪنيشن ساجد انصاري 52 ماڻھن جي اسڪرينگ ڪئي جن مان 16 ماڻهن کي هيپاٽائيٽس سي ۽ ٽن ماڻهن کي هيپاٽائيٽس بي ظاهر ٿي.

ان موقعي تي سماج سڌارڪ ٽيم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو انسان ذات جي خدمت کي پنھنجي منزل سمجھن ٿا.

هنن چيو ته اڳ جيان هاڻ به مريضن کي لاڙڪاڻي وٺي وڃي سندن علاج ڪرائبو، سماج سڌارڪ ٽيم ڳوٺ ۾صحت جي بهتري لاءِ ڪوشش جاري رکندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پٿورو: آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن جو احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے