جهڏي ۾ سسئي ۽ سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي ۽ ڀاءُ کي کنڀڻ جي ڪوشش خلاف خلاف ميڊيا سينٽر تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .
ايو ب کوسو، اسحاق ساگر، سريش ڪمار، عوامي تحريڪ جي ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو، عابد انصاري، جسقم جي اشفاق لغاري، عباس کوسو ۽ عرس پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سورٺ لوهار جي گهرن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چڙهائي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.