21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ: شهيد فاضل راهو جي 32 هين ورسي ۾ ڪهڙيون شرڪت ڪنديون شخصيتون؟

 هاري اڳواڻ شهيد محمد فاضل راهو جي 32 هين ورسي جي حوالي سان تياريون  زور شور سان جاري آهن.

 ان سلسلي ۾ شهيد فاضل راهو جي فرزند ۽ زراعت کاتي جي وزير محمد اسماعيل راهو بدين ۾ چانگ هائوس تي ورسي جي تيارين جي حوالي سان گهرايل گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد محمد فاضل راهو پنهنجي زندگي نه صرف هارين مزدورن ۽ مظلوم طبقي جي حقن لاءِ جدو جهد ڪندي گذاري .

هن چيو ته  17 هين جنوري تي شهيد  فاضل راهو جي 32 هين ورسي جي موقعي راهوڪي ۾ وڏو عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو .

هن ٻاڌيو ته ورسي تقريب ۾ اڳوڻو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ٻيا  مرڪزي اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے