22 جمعہ , فروری 2019

هڪ مرحلي بعد خوشحال دور ايندو…… وزير اعظم نئين اميد جاڳائي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي خراب حالت تبديل ڪرڻ جي لاءِ اسٽريڪچرل سڌارن تي عمل پيرا آهي ۽ هن ڏکئي مرحلي کان پوءِ سٺو ۽ خوشحال دور شروع ٿيندو. وزير اعظم عمران خان سڌُ سماءَ واري وزارت جي مختلف کاتن جي سربراهن ملاقات ڪئي جڏهن ته ان دوران سڌُ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري، وزير اعظم جو خاص مددگار افتخار دراني ۽ يوسف بيگ مرزا به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته حڪومت ملڪ جي خراب حالت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ اسٽريڪچرل سڌارن تي عمل پيرا آهي، اسان جي ڪاوشن جو مقصد ذاتي مفاد نه پر ملڪ ۽ عوام جي بهتري آهي. هن چيو ته قومن جي زندگي ۾ اسٽريڪچرل سڌارا هميشه تڪليف ڏيندڙ مرحلا هوندا آهن، هن ڏکئي مرحلي کان پوءِ سٺو ۽ خوشحال دور شروع ٿيندو، سڌُ سماءَ واري وزارت سڌارن واري ايجنڊا ۽ ان جي مقصدن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ۽ حڪومتي پاليسين بابت ميڊيا جي ذريعي عوام کي باخبر رکي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته مضبوط، متحرڪ ۽ ذميوار ميڊيا عوام کي باخبر رکڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندي آهي، ميڊيا بابت حڪومتي پاليسيون تي ڪوڙي پروپيگنڊا بابت آگاهه آهيون، ميڊيا سان گڏجي ان ايجنڊا کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته مهذب ۽ ذميوار معاشرو بي بنياد ۽ ڪوڙي خبرن جي تشهير جي اجازت ناهي ڏيندو، بي بنياد خبرن جي اشاعت جي حوصلا شڪني جي گڏيل مشن ۾ ميڊيا سان رابطا مضبوط ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے