18 جمعہ , جنوری 2019

هاڻ نادرا جانشيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو…….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جانشيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي. اسلام آباد ۾ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين جاويد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ عوام کي جانشيني سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ پيش ڏکيائين تي بحث ڪيو ويو. ڊي جي نادرا چيو ته اسان جانشيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته جڏهن به جانشيني سرٽيفڪيٽ وٺڻو هجي عدالت نادرا کان فيملي ٽري گهرندي آهي، عدالتن وٽ گهڻا ڪيس هئڻ سبب ڏکيائيون آهن، جانشيني سرٽيفڪيٽ تي نادرا کان مدد گهري آهي، هن خاطري ڪرائي آهي ته هو جانشيني سرٽيفڪيٽ جي مسئلي تي سهڪار ڪندو ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ الڳ يونٽ قائم ڪندو.  قانون واري وزير ٻڌايو ته مسئلي جي حل لاءِ قانون سازي تي غور ڪري رهيا آهيون، ڄاڻايل قانون ۾ تجويز آهي ته نادرا 15 ڏينهن ۾ لاڳاپيل شخص کي جانشيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو، جنهن جي لاءِ رڳو هڪ ڀيرو نادرا وٽ وڃڻو پوندو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جون هڪ کان وڌيڪ شاديون آهن ته نادرا فيملي ٽري ۾ سموري خاندان جي موجودگي جو سوال اٿاريو آهي. اسلام آباد بار ڪونسل جي نمائندي جانشيني سرٽيفڪيٽ بابت ڄاڻايل بل جي مخالفت ڪندي چيو ته نادرا جانشيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي بدلي ڳري فيس وٺندو. هن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته عدالت ۾ به ته وڪلين کي ڳري فيس ڏيڻي پوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے