18 جمعہ , جنوری 2019

افتخار چوڌري کي اچڻو آهي ته … اپيل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو بيان ڪميشن ذريعي قلمبند ڪرائڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فرخ عرفان خلاف ريفرنس جي کليل ڪارروائي ٿي. جسٽس فرخ عرفان جي وڪيل جو چوڻ هو ته اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪميشن ذريعي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته افتخار چوڌري کي اچڻو آهي ته ڪائونسل جي روبرو اچي، سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اختيار ڪنهن کي منتقل نٿا ڪري سگهون. ٻڌڻي دوران سپريم جڊيشل ڪائونسل پنجاب بار جي وڪيل جا دستاويز اڻ لاڳاپيل قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيا. جسٽس فرخ عرفان جي وڪيل چيو ته چئن شاهدن جا بيان ڪرائڻ چاهيون ٿا پر ٻاهرين ملڪ آهن، جن ۾ سنجيو ڪمار پٽيل، نثار ڀٽي، سيد مبشر علي ۽ حسيب الرحمان شامل آهن. سپريم جڊيشل ڪائونسل شاهدن جا نالا لکي وڪيل جي اپيل تي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے