18 جمعہ , جنوری 2019

بلوچستان مان سينيٽ سيٽ ڪنهن کٽي…..؟ نتيجا جاري

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي جنرل سيٽ تي بلوچستان عوامي پارٽي جو منظور احمد ڪاڪڙ ڪامياب ٿي ويو. تفصيل موجب بلوچستان اسيمبلي ۾ ٿيل چونڊن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو منظور احمد ڪاڪڙ، مخالف ڌر پارٽين جي حمايت يافته بي اين پي اڳواڻ غلام نبي مري سميت 5 اميدوار مقابلي ۾ شامل هئا جڏهن ته پولنگ جي عمل ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجو حق راءِ دهي استعمال ڪيو.  سينيٽ اليڪشن ۾ پريذائيڊنگ آفيسر جا فرض صوبائي اليڪشن ڪمشنر سردار اسرار خان انجام ڏنا. پولنگ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت بندوبست ڪيا ويا جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي. ذريعن موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي منظور احمد ڪاڪڙ 38 جڏهن ته بي اين پي مينگل جي غلام نبي مري 23 ووٽ حاصل ڪيا. پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمد حنيف هڪ ووٽ حاصل ڪيو جڏهن ته ڳڻپ دوران هڪ ووٽ رد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے