18 جمعہ , جنوری 2019

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف نيب جي اپيل رد ٿيڻ تي مريم نواز جو ٽوئيٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سزا خلاف نيب جي اپيل رد ٿيڻ تي مريم نواز جو چوڻ آهي ته مون کي اصل سڪون ۽ خوشي والد جي گهر واپسي تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ طرفان ايون فيلٽ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سزا معطلي تي نيب جي اپيل رد ڪرڻ واري فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو چوڻ آهي ته مون کي خدا تي اعتماد آهي ۽ عوام جي دعائن تي به ٿورائتي آهيان. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته حقيقت ته اِها آهي ته آئون ڪڏهن به هڪ لمحي جي لاءِ پريشان نه هيس، اڄوڪي فيصلي تي  الله جو شڪر ادا ڪيو آهي، پر اصل سڪون ۽ خوشي والد جي گهر واپسي تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے