انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان ئي خدا راضي ٿيندو آهي، انسانيت هڪ عبادت آهي، پاڪ رينجرس پاران سن ۾ قاسم رينجرس 43 ونگ حيدرآباد جي طرفان رورل هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي.
ڪئمپ جو افتتاح رينجرس جي 43ونگ ڪمانڊرليفٽينينٽ ڪرنل حسن ۽ ڊي اي ڊي ايم ايس ميجر ڊاڪٽر جاويد خشڪ ڪيو
ڪيئمپ تي مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جن ۾ ڊاڪٽر ميجرجاويد خشڪ، سرجن ڊاڪٽر شهزاد سومرو عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر درخشان ٽي بي پروگرام جو ڪو آرڊينٽر حيدرآباد ڊاڪٽر برڪت لغاري اکين جو ڊاڪٽرزيگم عباس،ڊاڪٽر ماجد علي خشڪ جن مريضن کي مفت چيڪ اپ ڪري انهن کي مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون
رينجرس جي مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ سن ۽ آسپاس جي شهرن ڳوٺن مان وڏي تعداد ۾ مريضن شرڪت ڪئي،
ڊاڪٽرن 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جو چيڪ اپ ڪيو
ماهر ڊاڪٽر عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هي پٺتي پيل علائقو آهي جتي صحت جي سهولتن جو فقدان آهي جنهن ڪري هتي ڪئمپ قائم ڪئي آهي ………