19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ: نوابشاهه: صحافي محمد منهاج برنا جي نائين ورسي ۾ ڪير ٿيا شريڪ ؟

پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي لاءِ آمرن جي دور ۾ عقوبتون ۽ جيل جون سختيون سهندڙ عظيم صحافي محمد منهاج برنا جي نائين ورسي نوابشاهه پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي.

ننڍي کنڊ اندر اظهار جي آزادي لاءِ قيام پاڪستان کانپوءِ تحريڪون برپا ڪندڙ پاڪستان جي بي باڪ بهادر ۽ خود دار صحافي محمد منهاج برنا جي نائين ورسي جي پر وقار تقريب نوابشاهه پريس ڪلب پاران محرم علي ڀٽي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ڪئي وئي.

 صدارتي خطاب ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي چيو ته هو نئين نسل جي صحافين تي اها تاريخي پروفيشنل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو  پنهنجي سفر جي رهبرن ۽ رهنمائن کي نه صرف ياد ڪن پر انهن جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪن.

پريس ڪلب جي جوائنٽ سيڪريٽري اديب صحافي ۽ دانشور فياض چنڊ ڪليري چيو ته ننڍي کنڊ اندر اظهار جي آزادي جي قيام پاڪستان کانپوءِ جيڪا سڀ کان وڏي تحريڪ برپا ڪئي وئي انهي جو ڪريڊيٽ ضمير نيازي ۽ منهاج برنا جهڙين عظيم صحافين ڏانهن وڃي ٿو سينئر صحافين ۽ قلم ڪارن محمد اسماعيل ڊومڪي، حاجي عبدالله ڀٽي، منظور حسين سومرو، فدا حسين چانڊيو، اڪرم شهزاد، ڊاڪٽر رياض احمد آرائين، ڪامريڊ انور عباسي، سيد علي محمد شاهه لڪياري ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته حوصلو ۽ همت  محمد منهاج برنا جهڙن عظيم صحافين جي ڪيل جدوجهد مان ملي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے