18 جمعہ , جنوری 2019

آمريڪي صدر ترڪي کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڇڏي ڏئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شامي گردن خلاف ڪنهن به امڪاني فوجي ڪارروائي جي صورت ۾ ترڪي کي اقتصادي طور تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. آمريڪي صدر پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته شام مان آمريڪي فوجين جي واپسي باوجود جيڪڏهن ضرورت پئي ته اتي سرگرم داعش خلاف ويجهي آمريڪي فوجي اڏي تان حملا ڪيا ويندا. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن ترڪي ڪردن خلاف ڪارروائي ڪئي ته ان کي معاشي طور تباهه ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ هن ڪردن کي به اهڙي ڪنهن ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني، جنهن سان ترڪي جوابي قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي. واضح رهي ته شام ۾ سرگرم ڪرد مليشيا واءِ پي جي کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ان کان اڳ ڪردن خلاف فوجي ڪارروائي جو اشارو ڏئي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9\11  حملن ۾ بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)امريڪا ۾ 11/9 حملن دوران بچي ويندڙ امريڪي شهري ڪينيا ۾ دهشتگرد حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے