18 جمعہ , جنوری 2019

اسان جي مهرباني آهي جو ق ليگ، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ ناهن بڻايا: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان جيڪڏهن نظرثاني ڪري ته سنڌ حڪومت ڪري پوندي. تفصيل موجب خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته منهنجي سنڌ وڃڻ تي صوبائي حڪومت خبر ناهي ڇو ڊڄي رهي آهي، آئون ته پنهنجي وزارت  جا فرض انجما ڏيڻ ڪراچي ويندس، ۽ هونئن به سنڌ ۾ڪجهه ڪرڻو هوندو ته مراد علي شاهه کان پڇي نه ڪندس، مراد علي شاه ته پاڻ اسان جي مهرباني سان وزارت اعليٰ جي منصب تي ويٺل آهي. فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري کي وفاقي حڪومت جي نه پر سنڌ حڪومت جي فڪر ڪرڻ گهرجي ڇو ته اُها ڪنهن وقت به ڪري سگهي ٿي، ۽ ڪرندڙ ڀت جي هيٺان ڪير به ناهي ايندو، سڀ سِرِ بچائي ڀڄي ويندا آهن، عمران خان چاهي ته سنڌ حڪومت ڪري پوندي. فواد چوڌري چيو ته اسان جي مهرباني آهي جو ق ليگ، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي  فارورڊ بلاڪ ناهن بڻايا، پر هاڻ سنڌ ۾ هڪ گرينڊ الائنس بڻجندو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو فارورڊ بلاڪ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سنڌ ۾ پهرين کان موجود گرينڊ الائسنس گڏجي ويندا ته پيپلز پارٽي اڪثريت سان اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ سنڌ ۾ هڪ نئين حڪومت ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے