22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:مانجهند:ڳوٺاڻن پاران سرڪاري استاد مقرر ڪرائڻ لاءِ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج

مانجهند ويجهو ڳوٺ خان محمد  جوڳياڻي ۾ ڳوٺاڻن  پاران سرڪاري استاد مقرر ڪرائڻ لا معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن محمد موسا جوڳياڻي، شريف احمد جوڳياڻي، سماجي اڳواڻ بابل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ  سندن ڳوٺ ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا هئڻ باوجود سرڪاري عمارت ۽ استاد ن ملي سگهيا آھن.

هنن چيو تھ  هو رضاڪارانا طور ذاتي عمارت اسڪول لاءِ وقف ڪرڻ لا تيار آھن  پر کين استاد مقرر ڪري اسڪول سرڪاري رڪارڊ ۾ آندو وڃي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ سندن ٻار 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٻئي اسڪول ۾ پڙھڻ لا وڃن ٿا جنهن سبب ڪجهه ٻارن تي ڪتن حملا ڪري کين زخمي ڪيو آهي.

هن تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي، جيئن تعليم جون سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي سگهن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے