22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: سن ۾ ايس يو پي  کي ڪهڙو ٿيو نقصان ؟ ملڪ اسد ڪري ويو ڪهڙو اعلان؟

سن  ۾  ايس يو پي ضلع ڪائونسل جو ميمبر  حسين بخش ڇڇر پنهنجي برادري سميت  ايس يو پي کي هميشه لاءِ الوداع ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان  ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ نورپور ۾ پ پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندرکي آجياڻي دوران  حسين بخش ڇڇر  برداري سميت  پ پ ۾ شامل ٿي ويو .

 ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر خطاب ڪندي چيوته عمران خان کي عوام ان بنياد تي ووٽ ڪيو ته اهو حڪومت ۾ اچي ڪا تبديلي آڻيندو پر اهو ناڪام ٿي ويو.

هن چيو ته ضلعي ڄامشوري جي عوام هميشه انهن کي رد ڪيوآهي، پ پ پ  سنڌ جي غريبن مسڪينن جي حقن جي ترجمان جماعت آهي .

ان موقعي تي عبدالحڪيم ڇڇر،ميرعالم ڇڇر،عبدالڪريم ڇڇر،علي گل ڇڇر، هادي بخش رند، دلدارکوسو۽ ٻين خطاب ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے