16 ہفتہ , فروری 2019

متحده جي فلاحي اداري جي زمينن بابت اهم انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دورنا ئي ڪي ڪي ايف جي پنجاب ۾ 6 ڪروڙ ماليت کان وڌيڪ جون ٻه ايراضيون وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب خدمت خلق فائونڊيشن جي ملتان ۽ لاهور ۾ موجود ٻن ايراضين جي جاچ دوران ئي وڪڻي وئي آهي جنهن بعد ڪمشنر ملتان ۽ لاهور کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ انهن ايراضين جي وڪڻڻ ۽ ان جي خريدارن جي تفصيل طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪي ڪي ايف جون ايراضيون قاعدي جي موجب ناهن وڪڻيون ويون، قانوني طور تي ڪي ڪي ايف جون ايراضيون آرگنائزر جي اجازت کان سواءِ نٿيون وڪڻي سگهجن. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته خدمت خلق فائونڊيشن ملتان ۽ لاهور ۾ چار ايراضين جي مالڪ هئي، ملتان ۽ لاهور ۾ وڪڻيل ايراضين جو اگهه لڳ ڀڳ 60 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي پر هاڻ به ملتان ۽ لاهور ۾ خدمت خلق فائونڊيشن جون ٻه ايراضيون موجود آهن. ٻئي پاسي سنڌ جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن واري کاتي کي به ايف آءِ اي ڪي ڪي ايف جي گاڏين جي ٽرانسفر تي فوري پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن موجب پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪي ڪي ايف جي گاڏين جي غير قانوني منتقلين تي ڪئي وئي، ڪي ڪي ايف جون گاڏيون عهديدارن پنهنجي مائٽن جي نالن تي منتقل ڪيون ۽ پوءِ انهن کي وڪرو ڪرڻ جا به اطلاع آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي ايف جي فنڊن ۾ به عهديدارن غبن ڪيا آهن، ڪي ڪي ايف جي اڪائونٽس مان پيسا عهديدارن مائٽن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ۽ پوءِ انهن پيسن جا سيونگ سرٽيفڪيٽس به بڻايا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جون تاريخون تبديل….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري جون تاريخون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے