22 جمعہ , فروری 2019

نقيب الله قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد 10جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت اڪبر ملاح، محمد انار، فيصل محمود، خير محمد، عمران ڪاظمي، رئيس، عباس زيدي ۽ شڪيل فيروز سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 7 جنوري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آغا سراج دراني جا پروڊڪشن آرڊر جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي قائم مقام اسپيڪر ريحانا لغاري اسيمبلي اجلاس سڀاڻي طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے