22 جمعہ , فروری 2019

وڏي وزير پوليس کي منع ڪري ڇڏيو….. اجلاس جي پڌرائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس آفيسرن جو ميڊيا سان ڳالهائڻ درست ناهي. اجلاس جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير ڪئي جڏهن ته سڌُ سماءَ وارو مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ، پرنسپل سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ٻيا پوليس آفيسر به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي امن امان جي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي انسپڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي) ٻڌايو ته شهر ۾ موٽر سائيڪل ڦرڻ ۽ واٽهڙن کان ڦر تي ڪنهن حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سينٽرل ضلعي ۾ خاص بندوبست ڪيا ويا جتي وارداتن جو تناسب 2018ع ۾ ڪافي وڌيڪ هو.  آءِ جي وڌيڪ چيو ته بينڪ ڌاڙن جي سمورن ڪيسن تي ڪم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪوڙا هٿيارن جا لائسنس بڻائي اسمگلنگ ۽ چوري ٿيل هٿيار فراهم ڪندڙ گروپ به پڪڙيو ويو آهي جنهن سان گڏ ملوث پوليس آفيسرن اهلڪارن ۽ ضلعي آفيسن جي سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو يوو آهي. آءِ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته شهر ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال بهتر آهي، 2018ع ۾ ضلعي ڏکڻ ۾ موٽر سائيڪلون ڦرڻ جا واقعا گهڻا ٿيا هئا ان ڪري اتي هڪ خاص فورس کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته پاڪستان سپر ليگ جي ميچن ۽ نيول انٽرنيشنل امن مشقن جي سيڪيورٽي فول پروف هئڻ گهرجي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسرن جو ميڊيا سان ڳالهائڻ درست ناهي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي علي رضا عابدي قتل ڪيس ۽ چيني قونصل خاني جي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بنا يونيفارم جي ڪو به پرائيويٽ گارڊ هٿيار کڻي نٿو هلي سگهي، پرائيويٽ سيڪيورٽي ايجنسين کي هدايت ڪيو ته هو پنهنجي گارڊن جي تصديق ڪرائن. هن نان ڪسٽم پيڊ ۽ ڪوڙي نمبر پليٽ وارين گاڏين کي پڪڙڻ جو ٽاسڪ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ان سان گڏوگڏ ئي حڪم ڏنو ته تعليمي ادارن ۾ نشي آور شيون فراهم ڪرڻ واري اطلاع جو سختي سان جائزو ورتو وڃي.  وڏي وزير فيصلو ته انهن اطلاعن جي اسڪول انتظاميا سان گڏجي نگراني ڪئي وڃي، اِهي اسان جا ٻار آهن ۽ اسان کي انهن جي حفاظت ڪرڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے