16 ہفتہ , فروری 2019

فواد چوڌري جي چوڻ تي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر به عمل نه ڪندا: سعيد غني

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي فواد چوڌري جو چوڻ ته پي ٽي آءِ جا ميمبر به نه وٺندا، وزيراعظم خان عليما خان جي نالي تي بي نامي ملڪيت ٺاهي،  ڇا چندي ۽ زڪوات جو پئسو کائڻ ڏوهه ناهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته  وفاقي سرڪار وسيلا پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت گذريل سال 20 ارب گهٽ ٿيا، هلندڙ سال وفاق سنڌ جا 90 ارب  نه ڏنا. هن چيو ته پهريون ئي چيو هو ته فواد چوڌري کي سنڌ ۾ ڪو به نه ٿو سڃاڻي، سندس شايد پارٽي ڪارڪن به چوڻ نه ٻڌندا،  فواد چوڌري جي دوري جو مقصد عليما خان جي ڪيس تان ڌيان هٽائڻ هو،  وفاقي سرڪار جي مالي حالت سڀني سامهون آهي.  سعيد غني چيو ته  سنڌ جي گورنر آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪيو ته اسان 2 وکون اڳتي هلنداسين،  وزيراعظم صوبائي حڪومت جي دائري ۾ مداخلت نه ڪندو، ماڻهو پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهارو هڻندا آهن، هي پنهنجي جسم تي ڪهاڙي هڻي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے