22 جمعہ , فروری 2019

پاڻمرادو اختيار اتي استعمال ٿيندو جتي ٻيو حل موجود نه هجي: نامزد چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته انصاف جي فراهمي ۾ دير ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار اتي استعمال ڪندس جتي ٻيو حل موجود نه هجي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي رٽائرمينٽ تي فل ڪورٽ ريفرنس ۾ 17 مان 16 ججن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسٽس منصورعلي خان ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي.  ان موقعي تي خطاب ڪندي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  چيف جسٽس ثاقب نثار ڏکين حالتن ۾ عدالت هلائي، هن سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ۽آئيني سميت ڪيترين ئي ڏکين حالتن کي منهن ڏنو. هن چيو ته 20 سالن کان آهيان ۽ اسان ٻئي گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جا جج ٿياسين، اسان جاڙن ٻارن وانگر آهيون، جيڪي اڄ الڳ ٿي وينداسين، ڪنهن سرجري نه پر آئين تحت الڳ ٿي وينداسين. سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس ثاقب نثار جون انساني حقن بابت خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته  انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ماتحت عدليه ۾ سالن کان التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته  غير ضروري التوا کي روڪڻ لاءِ جديد اوزار استعمال ڪيا ويندا، جعلي ڪيسن خلاف ڊيم ٺاهيندس، ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيسن جو قرض لاهيندس، هن وقت عدليه ۾ 19 لک ڪيس التوا هيٺ آهن.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته 3 هزار  جج 19 لک ڪيس نه ٿا اڪلائي سگهن، مان جعلي شاهدن خلاف به ڊيم ٺاهڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته  ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل سموري دنيا ۾ غلط سمجهو ويندو آهي، چيو ويندو آهي ته فوجي عدالتن ۾ جلد فيصلا ٿيندا آهن، ڪوشش هوندي ته سويلين عدالتن ۾ جلد فيصلا ٿين.  سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ کي به پنهنجي حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي. نامزد چيف جسٽس چيو ته فوج ۽ حساس ادارن جو سويلين معاملن ۾ ڪابه مداخلت نه هئڻ گهرجي،  ماضي جي دور ۾ رياستي ادارن وچ ۾ عدم اعتماد جو ماحول پيدا ڪيو ويو، ملڪي ترقي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، جمهوري استحڪام لاءِ سمورن رياستي ادارن جو فعال هئڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن اداري ڪٿي ٻئي اداري جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي،  عداليه ڪٿي ٻين ادارن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سنگين آهي. سندس چوڻ هو ته منهن جي رڳن ۾ بلوچ رت ڊوڙي رهيو آهي، مان آخري وقت تائين وڙهندس، پارليامينٽ جو ڪم رڳو قانونسازي آهي، ترقياتي فنڊ ڏيڻ يا رڳو بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ ناهي، صدر  جي سربراهيءَ ۾ چارٽر آف گورننس تي بحث ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڍاڪا ۾ باهه جو واقعو: پاڪستان جو افسوس جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ڍاڪا ۾ موجود عمارت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے