21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ: وارهه مال جو واپاري ڪيئن ٿيو قتل، الزام ڪهڙي ڌر تي لڳو ؟

افسوسناڪ  خبر  ٻڌائيندا  هلون  ته وارهه ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي مال جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو .

 هٿياربند مال جي پڙي تي  بيٺل  حسين علي بلاڻي چانڊيو تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا .

پوليس مقتول حسين علي بلاڻي چانڊيو جو  لاش تعلقه  اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو  ان موقعي تي مقتول جي ڀاءَ اصغر علي بلاڻيءَ، ڀاڻواڻي چانڊيا  ڌر  تي الزام هڻندي چيو ته بي گناهه سندس ڀاءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي .

هوڏانهن ايس ايڇ او واحدبخش لاشاريءَ چيو ته مقتول حسين عليءَ جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد قتل ڪيس ۾نامزد  جوابدارن  کي گرفتار ڪيو ويندو …………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے