22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: عمران خان جي حڪومت ڪيترو وقت هلندي؟ آصف زرداري ٻڌائي ڇڏيو

پيپلز پارٽي جي  چيئر مين آصف علي زرداري چيو  آهي ته سڄي پاڪستان  کي ٻڌايان ٿو ته  عمران خان پنج سال مڪمل نه ڪندو .

راهوڪي ۾  شهيد فاضل راهو جي  ورسي  تقريب کي خطاب ڪندي  پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هن  اسماعيل راھو کي پارٽي ۾ انڪري آندو جو ان جي پيءُ شھيد فاضل راھو ۽ سندن  ڳالھه ھڪڙي ھئي،

 هن  چيو ته  ايڪسيڊنٽ طور عمران خان  وزير اعظم ٿيو آھي، عمران خان جي حڪومت ٽائم کان اڳ ختم ٿيندي پنھنجا اسڪينڊل لڪائڻ لاءِ سندن مٿان  ڪرپشن جا الزام ھڻي رھيو آھي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ  جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته شھيد فاضل راھو ھن علائقي پيرن اگھاڙن ماڻھن جي خدمت ڪئي .

 هن چيو ته ھن جونالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي ،  پر هن  کي  ھتي ئي رھڻو آھي،  عوام سان گڏ رهڻو  آهي.

مراد عيل ساهب چيو ته سنڌ کي وفاق  90 ارب روپيه گھٽ  ڪيا آھن.

نثار کھڙو خطاب ڪندي  چيو ته  ھر سال راھوڪي ۾ ھڪ ھيرو کي ياد ڪيو وڃي ٿو ھن پاڪستان ۾ ٽن ماڻھن جون قربانيون آھن جن ۾ شھيد ذوالفقار ڀٽو ، شھيد فاضل راھو ، آصف زرداري جو پيءُ حاڪم علي زرداري ۽ شھيد بينظير شامل آهي .

صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته شھيد فاضل ڪوٽڙي بئراج جون نيلام ٿيندڙ زمينن کي ھتي جي ڪولھين ۽ ٻين کي زمينون وٺي ڏيون اھو ڪم شھيد فاضل ڪيو .

هن چيو ته جيڪڏھن وفاق سنڌ سان ظلم ڪيو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے