22 جمعہ , فروری 2019

آءِ جي سنڌ جي دهشتگردي جي خاتمي واري اسڪول جي قيام جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انسپڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ (آءِ جي سنڌ) ڊاڪٽر ڪليم امام هدايت ڪئي آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري اسڪول جي قيام لاءِ قدم کنيا وڃن. هن اِها هدايت سينٽرل پوليس آفس ڪراچي ۾ ”يونائيٽڊ نيشن آفس آن ڊرگس اينڊ ڪرائم“ سان چار رڪني وفد سان ملاقات دوران ڏني. وفد جي قيادت سنڌ پوليس جو ريٽائرڊ ڊي آءِ جي طاهر نويد ڪري رهيو هو. يو اين او ڊي سي وفد دهشتگردي جهڙن واقعن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، جاچ، تحقيق، انٽيروگيشن ۽ دهشتگردي جي واقعن جي نوعيت، قانون جي رٽ جي قيام ۽ ان حوالي سان بندوبستن کي تقويت ڏيڻ سميت انساني حقن جي پاسداري جهڙن قدمن تي اسلام آباد، خيبرپختونخواهه ۾ نيڪٽا جي گڏيل سهڪار سان کنيل گڏيل معاملن ۾ يو اين ڊي او سي جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني. يو اين او ڊي سي جي اعليٰ سطحي وفد ان ضمن ۾ سنڌ پوليس کي به مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو مڪمل ۽ ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. سينٽرل پوليس آفيس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امم ان ضمن ۾ هدايتون ڏنيون ته يو اين او ڊي سي جي ورڪنگ ماڊل جي ترجيحن ۽ تجويزن تي ٻڌل گڏيل سفارشون ترتيب ڏئي سنڌ حڪومت  جي منظوري جي لاءِ موڪليون وڃن. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سفارشون موڪلڻ جو مقصد اِهو آهي ته دهشتگردي سميت ٻين اهڙن ڏوهن جي جاچ، تحقيق ۽ انٽروگيشن سميت ٻين لاڳاپيل معاملن ۾ سنڌ پوليس يو اين او ڊي سي جي مهارت ۽ تجربن مان فائدو وٺي سگهي. انسپڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ڊي آءِ جي آپريشن کي هدايت ڏني ته سنڌ جي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي واري اسڪول جي قيام جي عملي بندوبستن تي ٻڌل گڏيل سفارشون به ترتيب ڏئي وڌيڪ ۽ ضروري بندوبست موڪليا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے