21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: ملير ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه  جي جلسي ۾ ڪهڙا ڪيا ويا مطالبا ؟ ٽيبلوز  ۾ نارين ڪيو ڪمال !!

 ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران جديد قومپرست جي باني سائين جي ايم سيد جي 116 هين  سالگره تقريب ڪوٺائي  ڪيڪ ڪاٽيو ويو .

ميمڻ ڳوٺ ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه  تي  عام جلسو منعقد ڪيو ويو .

جلسي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي آرگنائيزر هاشم کوسو خطاب ڪندي چيو ته   سنڌ تي ڌارين جي يلغار روڪي سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم نه ٺاهيو وڃي ، جڏهن ته سنڌ سميت ملڪ مان ماڻهن کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.

 مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو چيو ته هن ملڪ ۾ جنهن به عوام ‘ قوم ۽ ڌرتيءَ جي مالڪي ڪئي ان کي ڊگهي سزا ڏني وئي،.

بلوچستان مان آيل اي اين پي جي اڳواڻ ملڪ عنيات ﷲ ڪانسي چيو ته هي ملڪ فطري قومن جي لاءِ ڪوڙڪي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ستر سال گذري ويا آهن پر قومن کي حق ناهن ملي سگهيا

تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي چيو ته جي ايم سيد وزارت ماڻڻ کان علاوه 1928 کان 1933 تائين ڪراچي ۾ ضلع ڪائونسل بورڊ جو چيئرمين رهيو  ۽  هن ڪيترائي قانون پاس ڪرايا ۽ ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ضلعي لوڪل بورڊ جي آفيس ۾ تبديل ڪيو.

ترقي پسند پورهيت اڳواڻ ناصر منصور پاڪستان ورڪر پارٽي جي اڳواڻ عثمان بلوچ بخشل ٿلهو عوامي جهموري پارٽي جي رشيد سڌايو پروفيسر رياض شيخ سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه سنڌي عورت تحريڪ جي سلمي جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو .

جلسي ۾ قراردادون پيش ڪندي سنڌو ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪرڻ ڌارين جي آبادڪاري روڪڻ سنڌي ماڻهن کي ملازمتون ڏيڻ ڊيم نه اڏڻ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سميت سنڌ جي بنيادي حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

جلسي ۾ نارين ي قومي گيتن تي   ٽيبلو پيش ڪيا ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے