22 جمعہ , فروری 2019

پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهيندڙ جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر ) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ موجب پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 77 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جنهن سبب معاشي گراف خطرناڪ حدن تائين پهتو آهي. وفاقي حڪومت جي وڏين دعوائن جي پت وائکي ٿي وئي آهي. گذريل ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت زميني حقيقتن کان اڻ ڄاڻ ۽ عوامي مسئلن کان مڪمل ريت بي خبر آهي. سندن ماهرن ملڪي معيشت کي تباهي جي ڪنڌيءَ تي اچي بيهاريو آهي، پنهنجي ناڪاميابي جو اعتراف ڪرڻ بدران سياسي مخالفن کي هر معاملي جو ذميوار قرار ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو هن ناڪام حڪومت جي پاليسين جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ مان پوڻا ٽي ارب ڊالر ڪڍرايا ويا آهن جنهن جو نقصان ننڍن سيڙپڪارن کي ٿيو آهي ۽ اهي حڪومت کي بددعائون ڏئي رهيا آهن, صوبائي صلاحڪار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته 2011 ۾ جناح اسپتال ۽ دلين جي مرض جو قومي اداري جي حالت ڇا هئي ۽ اڄ سنڌ حڪومت وٽ اچڻ کانپوءِ انهن اسپتالن جي حالت ڪيئن آهي. ڄاڻايل اسپتالن جي بجيٽ پهريان ڪروڙن ۾ هئي اڄ انهن جي بجيٽ چوڏهن ارب رپيا آهي جن مان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا شهري لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب، سراج دراني جا پروڊڪشن آرڊر جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اربع تائين ملتوي ٿيل اجلاس اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے