21 جمعرات , فروری 2019

عمران 5 سال پورا نه ڪندو، ڀت سان نه لڳايو، مٿان عوام هٿن مان نڪري وڃي : آصف زرداري

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو  کوسو )  شھيد فاضل راھو جي 32 ورسي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري راھو ڪي ۾خطاب ڪندي چيو ته اسان اسماعيل راھو کي پارٽي ۾ انڪري آندو جو ان جي پيءُ شھيد فاضل راھو ۽ اسانجي ڳالهھ ھڪڙي ھئي عوام سان ظلم ڪيو پيو وڃي، ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي سنڌ جي ۽ پاڪستان جي عوام پنجاب بلوچستان ڪي پي ڪي سميت پوري ملڪ جو عوام اوھان کي رد ڪري چڪو آھي، ھن چيو ته حڪمران اسان جي خلاف سازشون نھ پر عوام جي خلاف ڪري رھيا آھن اسڪينڊل مٿان اسڪينڊل اچي رھيا آھن  خبر آهي ته اسڪينڊلن جي فيڪٽري ڪٿي آھي ڪو بھ اين آر او نھ گھرجي عوامي طاقت سان منهن ڏينداسين.  اسان ملڪ کي ھلايو ۽ ٺاھيو هن چيو ته اسان معافي نه وٺندا آھيون ذھني طور وزير اعظم اسان سان گڏ نه آھي ايڪسيڊنٽ طور وزير اعظم ٿيو آھي عمران خان جي حڪومت وقت کان اڳ ختم ٿيندي پنھنجا اسڪينڊل لڪائڻ لاءِ اسان تي ڪرپشن جا الزام ھڻي رھيو آھي اڃ آئون روڊ تان آيو آھيان روڊ پاڻي ۽ يونيورسٽي سميت بدين جا سمورا ڪم ٿيندا، سيد مراد علي شاھ چيو ته شھيد فاضل راھو ھن علائقي جي پيرن اگھاڙن ماڻھن جي خدمت ڪئي شھيد فاضل ان نقشي قدم تي ھلي رھيو ھو جنھن نقشي قدم تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھلي رھيو ھو شھيد محترم بينظير ڀٽو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اوھان ڪيترا ڀٽا ماريندا اڄ ھن ورسي ۾ ڪيترائي فاضل ذوالفقار ڀٽو جي شڪل ۾ بيٺا آھن منھنجونالو اي سي ايل ۾ وجھن پيا پر مون کي ته ھتي ئي رھڻو آھي عوام سان گڏ غذارن کي شڪست اسان ڏني آھي عوام جي طاقت انھن مخالفن کي بري شڪست ملي پر پوري سنڌ مان پيپلز پارٽي کي ڪاميابي ملي آھي, بدين شھر مان گئس نڪري ٿو پر صوبي کي ڪجهھ به نٿا ڏين آئون وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته سي سي آءِ جو اجلاس گھرائي رڪيل سنڌ جا معاملا حل ڪري. باقي سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪامياب نھ ٿينديون. عمراني حڪومت مھانگائي ڪري عوام کي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ايگريلچرل يونيو رسٽي ٽنڊو ڄام سان ڳالھيون ٿيون ته بدين ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان ايگريڪلچر يونيورسٽي ڪيمپس قائم ڪئي وڃي جنھن جو نالو شھيد فاضل جي نالي سان رکيو وڃي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو چيو ته  ھر سال راھوڪي ۾ ھڪ ھيرو کي ياد ڪيو وڃي ٿو ھن پاڪستان ۾ ٽن ماڻھن جون قربانيون آھن, اسان خوشي سان جيل ڪاٽيا آھن عمران خان کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته تون ملڪ ۾ غربت کان سواءُ ڪجهھ به نه ڏنو آھي روزگار به نه آھي صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته شھيد فاضل جي 32 ورسي آھي اسان شھيد فاضل کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون, شھيد فاضل دلير ۽ بھادر ھو شھيد ۾ تمام گھڙيون خوبيون ھنيون جيڪي اڄ سامھون آھن شھيد فاضل راھو رڳو پاڻ دلير نه ھو پر جڏھن به ڪنھن ڪمزور ماڻهون سان ملندو ھو ان کي بھادر بڻائي ڇڏيندو ھو، تقريب کي تاج محمد ملاح، مير غلام علي خان ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ڀارت جلد ڳالهيون شروع ڪن: چين

اسلام آباد(اي پي پي) چين پاڪستان ۽ ڀارت کي چيو آهي ته اهي ضبط ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے