22 جمعہ , فروری 2019

سرڪاري دوري ڪرڻ کان ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي: مراد علي شاهه

ڀان سيد آباد (ن ع آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جو وزيراعظم آهي، هو جڏهن به چاهي سنڌ ۾ اچي سگهي ٿو، پر اسان جي سياست ۽ جمهوريت هاڻي ان ليول تي وڃي پهتي آهي ته وزيراعظم سنڌ اچي پيو ته چيو وڃي ٿو وزيراعظم سازشون ڪرڻ پيو اچي،وزيراعظم کي سنڌ جي ڊولپمينٽ لاءِ بلڪل اچڻ گهرجي، هن ڀان سيدآباد ۾ پريس ڪلب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي وزير فواد چوڌري وٽ ڪابه شيءِ ناهي جو هو ڳالهائي،عوام کي ڏيکارڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي ان جي لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري خبرن جي زينت بڻجڻ لاءِ هو ميڊيا تي ڳالهائي ٿو، اي سي ايل ۾ نالو ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي جنهن بعد نالو ڪڍڻ گهرجي،اميد آهي ته اي سي ايل مان نالو ڪڍيو ويندو،پر اي سي ايل ۾ منهنجو نالو هجڻ سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، جيڪڏهن مون کي ڪوبه سرڪاري دورو ڪرڻو پيو ته ان لاءِ مون کي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي،آءُ سرڪاري دوري کان علاوه ڪڏهن به ٻاهر ناهيان ويو، عمري ۽ حج لاءِ سعودي ويندو آهيان، سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان لوڪل سطح تي نوڪريون  ميرٽ جي بنيادن تي ڏينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري ۽ آصف علي زرداري اپوزيشن سان اتحاد عوامي مسئلن لاءِ ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار رڳو انتقامي ڪاروائيون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار انتقامي ڪاروائيون ڪندي ته پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪير ڪندو.؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻي مسئلي تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ تفصيلي ڳالهائيو آهي 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي سنڌ کي نه ٿو ڏنو وڃي، سمورو تفصيل اٽارني جنرل آف پاڪستان جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ ڏيئي چڪو آهيان، ان جي رپورٽ جو انتظار آهي، ان جي روشني ۾ ڏسنداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيدآباد شهر ۾ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري آصف علي ميمڻ سان سندس چاچي ۽ شاهد ميمڻ، محمد علي پپو ميمڻ، فاروق، شاهنواز ميمڻ سان سندس والد حاجي محمد هارون ميمڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ڳوٺ ٽالپر ۾ معزز شخصيت عبدالله ٽالپر سان سندس پٽ شهباز ٽالپر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، جڏهن ته ڳوٺ ويهڙ شريف ۾ پير آف ويهڙ شريف پير شفيق احمد جان ويهڙائي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، بعد ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳوٺ واهڙ پهتو جتي هن پنهنجي والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ۽ امڙ جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي دعا گهري، ۽ سي ايم هائوس واهڙ ۾ منعقد ٿيل امڙ جي ورسي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب، سراج دراني جا پروڊڪشن آرڊر جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اربع تائين ملتوي ٿيل اجلاس اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے