22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:خيرپور: سوڀوديري جا رهواسي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل

* خيرپور ۾ سوڀوديري جي ڳوٺ لاڙڪ جي رهواسي نوجوان کي    مبينا طور  پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف  سندس  وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ پيارو لاڙڪ جي نوجوان نظير لاڙڪ کي 3 ڏينھن اڳ سوڀوديرو پوليس کنڀي گم ڪرڻ خلاف نوجوان جي امڙ بختارو خاتون ، عاشق لاڙڪ ، صغريٰ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي  نوجوان  جي  امڙ  ٻڌايو ته سوڀوديرو پوليس پنجاھ ھزار رشوت نه ڏيڻ تي  پٽ کي ھاف فرائي جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي.

 نوجوان جي جھوني امڙ بختاور خاتون پريس ڪلب خيرپور ۾ اوڇنگارون ڏئي روئندي دانهيو ته  سوڀوديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او  بااثرن جي ونگار تي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.

متاثر ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سوڀو ديرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ………….

*****

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے