21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ:پٿورو: جسقم آريسر جي وائيس چيئرمين جي گمشدگي ڳجهارت بڻيل،وارث سراپا احتجاج

پٿوري ۾ جسقم آريسر جي مرڪزي وائيس چيئرمين ارباب ڀيل جي 16 جنوري جي شام عمرڪوٽ پوليس ھٿان  مبينا گرفتاري بعد گمشدگي خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪارڪنن، جسقم آريسر جي گم ٿيل ڪارڪنن  جي امڙ سوڍي، ڀيڻ آمي، بچي  ۽ ڀائرن غلام ڀيل، چيتن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ -کپرو روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو.

ڪارڪنن جي ڌرڻي سبب عمرڪوٽ، کپرو، ڍورونارو سميت بين رستن ڏانهن ايندڙ ويندڙ  ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان جي امڙ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي  چيو تھ سندس پٽ کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي.

گرفتار نوجوان جي ڀاءُ چيو تھ جيڪڏهنن هنن جي ڀاءُ کي آزاد نھ ڪيو ويو تھ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيندو.

هوڏانهن ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايڇ او مومن گجو ڌرڻي واري هنڌ پهتو پر نوجوان جي  وارثن سندس آزادي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو …….

رپورٽ-محمد اقبال نهڙيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے