22 جمعہ , فروری 2019

ضياءُ لنجار جي فرنٽ مين جي اڪائونٽ ۾ 29 ڪروڙ جمع ٿيا:نيب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ضيا الحسن لنجار جي ضمانت ۾ 11 فيبروري تائين واڌ ڪندي نيب کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي.عدالت  ڪرپشن ڪيس ۾ ضياءُ الحسن لنجار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو قانون وارو وزير ضياءُ الحسن لنجار به پيش ٿيو، جونيئر وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اسلام آباد ۾ مصروف هجڻ ڪري پيش نه ٿو ٿي سگهي، عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ضيا الحسن لنجار خلاف ڪهڙي ڪارروائي هلي رهي آهي؟جاچ آفيسر عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته ضياءُ الحسن لنجار جي فرنٽ مين خان بهادر ڀٽي جي اڪائونٽ ۾ 17 ڪروڙ پبلڪ فنڊ جا پيسا ٽرانسفر ٿيا، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي دوائن جا 12 ڪروڙ رپيا به ساڳي شخص جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آغا سراج ڪروڙن جو مالڪ، اليڪشن ڪميشن وٽ گهٽ ملڪيت ظاهر ڪئي

لاهور(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي اثاثن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے