22 جمعہ , فروری 2019

اڪرام سهگل ڪي اليڪٽرڪ جو نئون چيئرمين مقرر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) دفاعي تجزئي نگار، سڪيورٽي اينالسٽ ۽ مشهور واپاري اڪرام سهگل کي ڪي اليڪٽرڪ جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز اڪرام سهگل جي مقرري جي منظوري ڏني آهي. هو طيب خان جي جاءِ تي ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين جو عهدو سنڀاليندو. اڪرام سهگل پاٿ فائينڊر گروپ پاڪستان جو چيئرمين آهي جنهن کي ڪاروبار جو 40 ورهين جو تجربو آهي. پاڪ فوج مان رٽائر ٿيل اڪرام سهگل وٽ ڪمرشل پائليٽ جو لائسنس به آهي. هو مختلف بورڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، خاص طور تي بئنڪ الفلاح جي بورڊ ۾ 16 سال رهيو آهي. اڪرام سهگل ورلڊ اڪنامڪ فورم جو باني ميمبر ۽ 9 سالن تائين ايسٽ ويسٽ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. هو ڪراچي ڪائونسل آف فارن ريليشنز جو چيئرمين ۽ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي صدر جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے