16 ہفتہ , فروری 2019

فلم ” ٽوٽل ڌمال“  جو پهريون پوسٽر جاري

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڌمال سيريز جي ٽئين فلم ٽوٽل ڌمال جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. کل ڀوڳ سان ڀرپور ڌمال سيريز جي ٽئين فلم ٽوٽل ڌمال جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. هن ڀيري فلم ۾ اداڪار رتيش ديشمک، ارشد وارثي ۽ جاويد جعفري کانسواءِ اجي ديوگن، انيل ڪپور ۽ ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشت به مداحن کي چهرن تي مرڪون وکيريندي نظر ايندا، جڏهن هن ڀيري سنجي دت فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل ناهي. اداڪار انيل ڪپور فلم جو پوسٽر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪندي لکيو ته ان ڀيري اهڙو ايڊونچر ڏسڻ لاءِ ملندو جيڪو اوهان پهريان ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو، ٽوٽل ڌمال جو اهو سفر چريائپ ۽ مزاح سان ڀرپور هوندو. گڏ ئي هن فلم جو ٽريلر 21 جنوري تي ريليز ڪرڻ جو  به اطلاع ڏنو . فلم ٽوٽل ڌمال ذريعي اجي ديوگن ۽ ماڌوري ڊڪشت 18 ورهين کانپوءِ به هڪ ڀيرو وري اسڪرين تي گڏ نظر ايندا ٻئي آخري ڀيرو 2001ع  ۾ ريليز ٿيل فلم يه راستي هين پيار ڪي ۽ لجا ۾ نظر آيا هئا.واضح رهي ته  هدايتڪار ۽ شريڪ پروڊيوسر اندر ڪمار جي فلم ٽوٽل ڌمال 22 فيبروري تي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم “گلي بواٰءِ” کي وڏو ڌچڪو……..؟

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا رنوير سنگھه ۽ عاليا ڀٽ جي فلم ريليز ٿيڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے