22 جمعہ , فروری 2019

حڪومت بئنڪن مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ختم ڪرڻ تي راضي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اوڳاڙين بابت ممڪلتي وزير حماد اظهر ٽيڪس باقيدارن لاءِ بئنڪن مان رقم ڪڍرائڻ تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ممڪلتي وزير ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي هڪ وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ممڪلتي وزير چيو ته  نئين فنانس بل ۾ ڄاڻايل ٽيڪس کي ختم ڪيو ويندو. ڪي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ خرم شهزاد چيو ته ممڪلتي وزير سان ملاقات ۾ 23 جنوري تي پيش ڪيل نئين فنانس بل بابت سي سي آءِ جي سفارشن ۽ تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته حماد اظهر  ٽيڪس ڏيندڙ لاءِ اها تيڪس ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. خرم شهزاد چيو ته حماد اظهر چيو ته واپارين کي استعمال ٿيل مشينري جي درآمد تي سيلز ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ۽ دير سان ٽيڪس فائل ڪندرن کي آڊٽ کان آجو قرار ڏيڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ جي تيار نه پيا ڪيون، بچاءُ اسان جو حق آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور باجوه چيو آهي ته ڀارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے