21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ: راندين ۾ سنڌي رانديگرن جي نمائندگي لاءِ صوبائي وزير  سردار  محمد بخش مهر ڪيو  ڪهڙو اعلان

ٽنڊوآدم ۾ منسٽراليون ۽ سينيٽر اليون وچ ۾ فوٽ بال جي شو مئچ  ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر  راند ۾ حصو ورتو ۽ سندس   ٽيم ڪاميابي ماڻي.

ٽنڊوآدم جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي نالي سان پ پ سينيٽر امام الدين شوقين ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي ٽيمن منسٽر اليون ۽ سينيٽر اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر پڻ راند م حصو ورتو سخت مقابلي بعد منسٽر اليون هڪ گول تان ڪاميابي ماڻي ٽرافي پنهنجي نالي  ڪئي

ان موقعي تي ونر اپ ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا ويا جڏهن ته مختلف راندين ڪرڪيٽ، جمناسٽڪ ،ايٿليٽڪ ۽ ٻين راندين م نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جهانزيب جوڻيجو، جاويد اعواڻ، انور بهڻ ، زبير امام ، ۽ ٻين کي پڻ شيلڊون ڏنيون ويون

ان موقعي تي پ پ سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين ، مهمان خاص سردار محمد بخش مهر ، ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان شفيق، ذوالفقار روشن ، غياث الدين جوڻيجو، اي ايس پي اظهر مغل، اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي ،ڊي ايس پي محمد ايوب بروهي ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ورهايا

صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير ۽ ترقي، اسٽاف ڏيڻ سميت ٽنڊوآدم ۾اسپورٽس هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو

صوبائي  وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ ۾ راندين جي حوالي سان وڏو ٽيلنٽ موجود آهي پر  قومي ليول تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين ۾ سنڌ کي ڪابه نمائندگي ڪانهي ان لاءِ مون وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته سنڌ جي رانديگرن کي ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين ۾نمائندگي ڏني وڃي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے