22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: پ پ شهيد ڀٽو فيروزه لاشاري ڪهڙون ملڪ دشمنن  کي وائکو ڪيو

پ پ شهيد ڀٽو ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر فيروزه لاشاري  چيو آهي ته

 ملڪ کي هميشه چورن جي حوالي ڪيو ويو جن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي هتي حڪمرانن کي چونڊيو نه بلڪي آندو ويندو آهي.

سانگھڙ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ شهيد ڀٽو ليڊيز ونگ اڳواڻ فيروزه لاشاري چيو ته سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي، زرعي صوبو رڃ بڻيل آهي، ڪالاباغ ڊيم جو راڳ ڳايو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

هن چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي کي ٿڏيو ويو آهي،پنهنجي فلسفي تي وڏيرن کي گڏ ڪري سنڌ جو مال کاڌو پيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ جو تعليمي نظام تباھ آهي، اسڪولن ۾ جانور ٻڌل آهن، اسپتالون ڪوس گهر بڻيل آهن، ماڻهو بيروزگاري ۽ بک وگهي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے