22 جمعہ , فروری 2019

پاڪ فوج 18 مهينن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو آمريڪا… لنڊسي گراهم پاڪستان جي ساراهه ڪرڻ تي مجبور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم پاڪ – افغان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ فوج 18 مهينن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪا آمريڪا جي 18 ورهين کان خواهش هئي. پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان سان گڏيل ملٽري آپريشن گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿو، طالبان ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستاني وزيراعظم، افغان صدر ۽ آمريڪي صدر کي ملڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته طالبان سان مفاهمت کانپوءِ به اسان جو پاڪستان سان واسطو رهندو، طالبان جو طاقت ذريعي افغانستان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، اسان افغانستان کي نٿا وڃائي سگهون، اسان نٿا چاهيون ته افغانستان ٻيهر شدت پسندن جي هٿن ۾ هليو وڃي، اسان افغانستان کان پري نٿا وڃي سگهون، اتي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. آمريڪي سينيٽر چيو ته پاڪستاني سرحد جي ڀرپاسي فينسنگ (خاردار تار) لڳائڻ سٺو قدم آهي، قبيلائي علائقن ۾ پاڪ آرمي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ به بهتري آئي آهي، پاڪ فوج 18 مهينن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪا آمريڪا جي 18 سالن جي خواهش هئي، پاڪستان وٽ سرحد محفوظ ڪرڻ جي حڪمت عملي آهي، ڪاش افغانستان ۾ به ائين هجي ها. لنڊسي گراهم چيو ته پاڪستان سان ڏيو ۽ وٺو جي اصول تحت لاڳاپا غلط آهن، اسان برطانيا کي اهو ناهيون چوندا ته توهان جي مدد ڪنداسين پر جوابي طور توهان اسان کي ڪجهه ڏيو، اها ئي پارٽنر شپ اسان پاڪستان سان رکڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ ڏي وٺ نه هجي، آمريڪا جي اها غلطي آهي ته پاڪستان لاءِ پاليسي روز روز تبديل ڪندو رهي. هن پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۾ مستحڪم حالتون اسان جي به مفاد ۾ آهن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيدا آهي، وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ آمريڪا کي پاڪستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو سٺو موقعو مليو آهي، عبوري کان اسٽريٽجڪ لاڳاپن طرفان وڃڻو پوندو، آءِ ايم ايف جي قرض سان پاڪستاني معيشت بهتر ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے