22 جمعہ , فروری 2019

وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قطر روانو ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي کان ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ قطر روانو ٿيندو. ان حوالي سان قطري سفير صقر بن مبارڪ المنصوري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ جو جائزو ورتو ويندو. قطري سفير موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچپسي جا معاملا، علائقائي ۽ عالمي معاملن به بحث هيٺ ايندا. هن ٻڌايو ته عمران خان قطري هم منصب عبدالله بن ناصر بن خليفا آل ثاني سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ قطر ۾ مضبوط ۽ مستحڪم بنيادن تي تاريخي لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جو معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار ذڪر جوڳو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے