22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: لاهور: گارڊ گروپ جي سالياني سيلز ڪانفرنس ۾ ڪنهن کي مليا انعام؟

لاهور جي گارڊ گروپ جي سالياني سيلز ڪانفرنس  مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ڊيلرز ۽ آبادگارن کي گارڊ رائيس سيڊ، گارڊ ويٽ سيڊ، کان سواءِ سبزين ۽ مڪئي جي ٻجن بابت کين ڄاڻ ڏني.  ڪانفرنس ۾ گارڊ پيسٽي سائيڊ، فرٽيلائيزر خصوصن زنڪ سلفيٽ جي فائدن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾سنڌ جي ڊيلز ۽گارڊ رائس جي سيلز ٽيم وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ ماهرن چيو ته رائيس هائبرڊ سيڊ پيداواري لحاظ کان دنيا جي نمبر ون ورائٽي آهي، ڪانفرنس ۾ بهتر ڪارڪردگي تي ريجنل مينيجر اپر سنڌ ۽ بلوچستان فاروق احمد سهرياڻي ۽ ريجنل مينيجر لوئر سنڌ عبدالڪريم مريءَ کي هڪ -هڪ لک ڪيش انعام ڏنا ويا.

تقريب کي گارڊ گروپ جي جنرل مينيجر مارڪيٽنگ محمد رضوان يونس خطاب ڪندي چيو ته گارڊ ورائٽي 53 ۽ 50 بهتر پيداوار ڏئي رهي آهي، گارڊ رائيس ٻين ڪمپنين جيان ڊمپنگ نٿي ڪري اسانجو سمورو ٻج سيل ٿي وڃي ٿو،  هن چيو ته ڪاروبار ۾ واڌ گھاٽ ٿيندي رهندو آهي، رضوان يونس چيو ته LP-3 ورائٽي ۾ بهتر پيداواري صلاحيت نه هجڻ سبب بند ڪئي وئي، رضوان يونس ڊيلرز ۽آبادگارن جي پڇيل سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

 چائنا کان آيل سيڊ سائنٽسٽ مسٽر ليو چيو ته ريسرچ ڪري پاڪستان ۾ سپر باسپتي جي بهتر ورائٽي حاصل ڪئي وئي آهي، چائنيز ڪمپني اسڪاءِ جي جنرل مينيجر مسٽر فرينڪ ڊيلز کي زنڪ ڀاڻ جي فائدن ۽ ان جي استعمال متعلق معلومات ڏني. ڪانفرنس ۾ هارويسٽر اڪيوپمنٽ متعلق پڻ ڄاڻ ڏني وئي. گارڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افتخار علي ملڪ چيو ته ڊيلر  سندن  طاقت آھن، گارڊگروپ نسلن کي گڏي کڻي پيو هلي هن وقت اسانجي ٽئين پيڙهي هن ڪاروبار کي سنڀالي رهي آهي، گروپ جي سي ئي او شهزاد علي ملڪ چيو ته سندن  فصل جي ٻج جون ست نيون ورائٽيون فيڊرل سيڊ سرٽيفڪيشن کان منظور ڪرايون آھن۔

هن چيو ته لاڙڪاڻي جي سخت گرمي ۾ گارڊ جي ورائٽي بهتر پيداوار ڏئي پئي، گارڊ ذرعي آٽو پارٽس جي ۾ به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.  هن چيو ته گارڊ رائيس چانورن جي ايڪسپورٽ ۾ دنيا ۾ بهتر ايڪسپورٽ طور سڃاڻجڻ لڳو آهي. تقريب کي ڊائريڪٽر فائنانس گارڊ رائيس نور حسين ۽ سيڊ سائنٽس ڊاڪٽر عبدالرشيد پڻ خطاب ڪيو.  ڪانفرنس جي پڄاڻي  تي سيل ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊيلرن ۾ انعام تقسيم ڪياويا.  ڪانفرنس ۾ ڪمپني جي ڊائريڪٽرز شاھ رخ ملڪ ۽ شهريار ملڪ کين انعام ڏنا.  بهتر ڪارڪردگي تي سنڌ آبادگار رائيس مل لاڙڪاڻه پهرين پوزيشن حاصل ڪئي،  هڪ ڏينهن واري  ڪانفرنس ۾ گارڊ سنڌ جي سيلز ٽيم جي نمائيندن نويد احمد, عبدالحڪيم، محمد اعظم، سعيد احمد، مولاداد مغيري پڻ شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :پٿورو: آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن جو احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے