22 جمعہ , فروری 2019

ساهيوال جي ذميوارن کي سرعام ڦاهي ڏيو: حمزه شهباز

لاهور  (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ انصاف جا تقاضا پورا ٿيڻ گھرجن، واقعي جي ذميوارن کي سري عام ڦاهي ڏني وڃي، معصوم ٻارن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا، آئون هنن سان نظرون نه پيو ملائي سگھان، ٻارڙي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح هن جي سامهون سندس ماءُ ۽ پيءُ کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گھرجي ۽ حڪومت کي ذميوارين جو تعين ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته متاثر خاندان کي انصاف ملڻ تائين چپ ڪري نه ويهنداسين، آئون هتي سياست ڪرڻ ناهيان آيو، نيازي صاحب اوهان کي انصاف جا نقاضا پورا ڪندي حقيقتون سامهون آڻڻ گھرجن جنهن هنڌ اهو ظلم ٿيو آهي، اتي ذميوارن کي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، معصوم ٻارن جي اکين مان اڄ به ڳوڙها ناهن بيٺا، جي آءِ ٽي ان معاملي جو حل نه آهي، حقيقتون جلد کان جلد عوام جي سامهون آنديون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے