21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: عورتن کي اغوا ڪندڙ پوليس کان آهن ڏاڍا؟ انصاف ڪير ڏيندو؟

ميرپور ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته  بااثر  جي چوڻ تي هٿياربند سندن ٻه  عورتون اغوا ڪري ويا ، جيڪي  وجهه وٺي گهر پهتيون  آهن  پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري .

مبينا اغوا ٿي ناريون پنهنجي والدين سان گڏجي ميرپور ماٿيلي ۾ پريس ڪانفرنسن ڪندي روئيندي  ڳوٺاڻي مکڻي  چيو ته بااثر وڏيري ۽ ڌاڙيلن سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي .

هنن چيو ته سندن عورتن کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو ويو پر پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهن.

سمينا ، اقبال، ڪذبانو، مکڻو، ۽ ٻين  وڌيڪ چيو ته جوابدارن  کين زيادتي جو نشانو بڻائيندا هئا.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي  کان مطالبو ڪيو  ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے