21 اتوار , اپریل 2019

چيف جسٽس صاحب! ساهيوال جو سانحو انصاف ٿو گهري!

حميده گهانگهرو

چيف جسٽس آصف سعيد کوسي صاحب 18 جنوري تي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کنيو. ٻئي ڏينهن يعني 19جنوري تي پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ تمام دردناڪ واقعو پيش آيو. هن واقعي انسانيت جي تقدس جي لتاڙ ڪري،وايو منڊل ڏکارو ڪري ڇڏيوآهي ۽ وري اهو الزام ته کين داعشي دهشت گرد طور ماريو ويو آهي. ڪنهن به الزام هڻڻ کان اڳ عدالتي جاچ ڪئي ويندي آهي. عدالتون پنهنجو فرض پورو ڪندي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ عوام جي ويساهه کي پورو ڪرڻ لاءِ اهو فيصلوڪرڻ صرف عدالت جي ذميداري آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هن واقعي ۾ هڪ عورت ۽ نوجوان نياڻيءَ کي به نشانو بڻايو ويو آهي. ڇا انهن جو تعلق به هن بنا جاچ جي الزام سان آهي؟ ۽ واقعي ۾ ملوث اهو نه پيا ڏسن ته گاڏيءَ ۾ ويٺل ابهم ٻار به آهن جيڪي هن سڄي خوني واردات  کي ڏسي رهيا آهن. هنن معصوم جي دلين تي ان وقت ڇا گذرندي هوندي. هنن کان ته خوف ۾ روئڻ به وسري ويو هوندو. ڇا هنن جي شاهدي کي ڪورٽ ۾ مڃيو ويندو؟؟! اهي سوال اهڙا آهن جو سواءِ اکين ۾ لڙڪ آڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي اهو آزاد ملڪ آهي جتي قانون ۽ آئين جي اهميت آهي.

انهيءَ ڪري چيف جسٽس آصف سعيد کوسي صاحب! انصاف لکڻ واري پهرين پني تي هي ڪيس ڪيترا سوال کڻي توهانجي اڳيان آيو آهي. 2019ع جو هيءُ انسانيت سوز ڪيس توهانجي انصاف جي تاريخ ڪيئن رقم ڪندو اهو ته اوهان جو فيصلو ڏسڻ لاءِ ملڪ جي پوري عوام جون نظرون توهان ڏانهن آهن. ڇاڪاڻ جو ماضيءَ جي سٺن ڪارنامن ۽ جاندار فيصلن ۾ هيءُ فيصلو به اوهان ڏانهن واجهائي رهيو آهي ته ڇا اڄ به اهي درندگيون ۽ لاشن کڻڻ جون روايتون برقرار رهنديون. ملڪ جو بي پهچ عوام صرف داد فرياد ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اهو داد فرياد حڪومت ۽ عدالتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو.

وزيراعظم عمران خان صاحب چيو آهي ته آءُ سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهيو آهيان.بلڪل صحيح آهي وزيراعظم صاحب! توهان به هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ انهن معصومن جي اداسين، محرومين، ڏک تڪليف کي محسوس ڪري سمجهي سگهوٿا ته جڏهن ڪنهن جا پيارا کسجي ويندا آهن ته اُهي ڪيتري تڪليف ۾ هوندا آهن. ڇا اهڙن موقعن تي حڪومت ۽ قوم بي حسيءَ جي چادر ۾ ويڙهجي خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿي.

سٺي ڳالهه آهي ته معصوم ٻارن جي وارثي ڪرڻ لاءِ پنجاب جو وڏي وزير گل کڻي معصوم ٻارن جي عيادت ڪرڻ اسپتال پهتو آهي. بيمار جي آڏو ته گل کڻي وڃڻ سٺو عمل آهي پر انهن معصومن لاءِ جيڪي پيءُ ماءُ جي جنازي تي رکيل گل ۽ قبر تي گلن جي ورکا ڏٺي تن کي هنن گلابن ڪهڙو مان ذهني سڪون ملندو. هنن ٻارن جن جي عمر اڃا هٿ ۾ رانديڪا کڻي ننڍڙين ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهي دل وندرائڻ واري عمر آهي انهن کي وڏو ٿيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. هونئن ته هر سال پيدائشي ڏينهن تي ٻار پاڻ کي وڏو سمجهندو آهي. پر سال جي 19 جنوري هنن لاءِ موت جي منظر کان گهٽ نه هوندي. هنن جي معصوم ڪچن ذهنن ۾ سائنس، آرٽ، فن، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پائلٽ ٿيڻ وارن ڪتابن کي پڙهڻ کان اڳ هڪ اهڙوڪتاب هميشه پڙهڻو پوندوجيڪو سندن والدين ۽ ڀيڻ جي رت سان لکيل سوچ جي ورقن ۾ سڄي حياتي سميٽيل رهندو.

گورنر پنجاب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اهڙا واقعا ٿيندا آهن ته پوءِ ٿورو اهو به ٻڌائيندا هلن ته جمهوريت، حڪومت، عدالت، قانون جو مطلب ڇا آهي. عمران خان چيو آهي ته مان مديني جهڙو ملڪ ٺاهي انصاف ڏيندس ته پوءِ عوام اهو ضرور پڇي ٿو ته جنگ احد، جنگ بدر، جنگ خندق ختم ٿي ويون يا اڄ به عوام اهڙين حالتن ۾ اهڙين جنگ نما صورتحال کي  منهن ڏيڻ ۾ الجهيل آهي. عمران خان مان ته عوام کي تمام گهڻو اميدون آهن ڇاڪاڻ جو سندن واعدا، اقرار عوام جي خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن.

اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته پاڪستان ۾ٿيندڙ دهشت ناڪ واقعا سنڌ، پنجاب ۾ خاص طور تمام گهڻا وڌي ويا آهن. بي رحم انسانيت سوز معصوم جي لاش کي چچري اڇلائڻ نوجوانن جون خودڪشيون ڄاڻايل لاش روز اخبار جي سرخي بنيل آهن.

چيف جسٽس آصف سعيد صاحب پراڻين الجهنن ۾ ڦاسڻ بجاءِ انهن کي حل ڪري عوام لاءِ انصاف ۽ ويساهه جا دروازا کوليا وڃن جيئن زينب جي بي درديءَ واري قتل ڪيس تي قاتل کي سزا ڏني وئي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن به بي ڏوهيءَ جي قتل تي انصاف جي تقاضا کي پوروڪيو ويو ته پاڪستاني قوم ۾ جيئڻ جو اتساهه پيدا ٿي پوندو.

اميد آهي ته چيف جسٽس صاحب پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ تاريخي فيصلا ڪري پاڻ کي يادگار بڻائي ويندو. سندس حلف برداري وقت عوام کي اميد ڏيکارڻ وارا وچن خواب نه پر حقيقت ۾ بدلجڻ گهرجن. چيف جسٽس صاحب چيو آهي ته منهنجي لاءِ عوام سان انصاف ڪرڻ جو ڊيم ٺاهڻ ضروري آهي. ڪورٽن ۾ سالن تائين جا سفر ڪندڙ بي گناهن کي انصاف ڏيارڻ آهي. عدالتن جو اعتماد بحال ڪري جيئن عوام ڪنهن به انصاف جي اميد رکي عدالت جو اعتماد بحال ڪري جيئن عوام ڪنهن به انصاف جي اميد رکي عدالت جو رخ ڪري ته ان کي حق ملي وڃي. بلڪل اهڙيءَ طرح  دنيا کي جهنجهوڙيندڙ  ڪيترن ئي سانحن مان هيءُ سانحو به انصاف گهري ٿو، اهڙيءَ طرح بي درديءَ سان قتل ٿيل نياڻين جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، معصومن جي گم ٿيڻ جو به نوٽيس وٺي ابهم ٻارن کي وارثن حوالي ڪيو وڃي.

چوندا آهن ته مئي جو هڪ سور جيئري جا سوين سور. انهيءَ ماءُ پيءُ کان ڪير پڇي. جيڪي پل پل ۾ مرندي مرندي جيئن ٿا. اهي معصوم ڪهڙي حالت ۾ هوندا. اهي ڪهڙي نموني استعمال ڪيا ويندا هوندا. تڪيلف ڏيندڙ تجربا به جهوري ڇڏين ٿا. پهرين سعودي عرب ۾ معصوم ٻارن کي اُٺن جي ريس ۾ وڪيو ويندو هو ۽ انهن معصوم جي رڙين تي اٺن کي ڍوڙندي ڏسي عرب سڳورا ڪاميابيءَ جا جشن ملهائيندا هئا. اغوا جي وارداتن کانپوءِ دهشتگردي  ۾ استعمال ڪرڻ انهن معصومن کي دهشتگردي جي ٽريننگ ڏيڻ ڪهڙو اسلامي جهاد آهي ۽ ان سڀني حرڪتن کان وڌيڪ خطرناڪ ته ٻارن کي بيگاري ڪيمپن ۾وڪرو ڪري پنڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، هوندوآهي جيڪو انتهائي اذيت ناڪ عمل آهي. ڪي ٻار ته پنهنجي همٿ ڪري ڀڄي جان بچائين ٿا پر انهيءَ تي به ڪو سختيءَ سان عمل ناهي ٿيو. ڪاروبار جو ذريعو بڻجندڙ هي ابهم معصوم ٻار پنهنجي ذات ۾ ڪيترا خودمختيار ۽ ملڪيت جا مالڪ هوندا آهن. انهيءَ ڪري غير انساني روين جو نوٽيس وٺي سزا ڏني وڃي. ڪو به ڏکارو عمل زندهه موت جي برابر هوندوآهي. يقينن مهذب قومن ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ اهو تڪيلف ڏيندڙ عمل ۽ دنيا جي نقشي تي ڪارنهن مثل آهي.

موبائل فون ذريعي ڌمڪيون ڏيڻ وارو سلسلو هراسمينٽ ۽ تباهي جو ڪارڻ آهي. جديد ٽيڪنالاجي قومن جي ترقي ۽ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ هوندي آهي پر اسانجي ملڪ ۾ ان جي غلط استعمال تي ڪافي نقصان ٿين ٿا انهيءَ ڪري سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا هاڻي عوامي شعور جو دور آهي؟

بادل ملاح وزير اعظم پاڪستان عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف، نواز شريف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے