16 ہفتہ , فروری 2019

محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب تي هڪ نظر

 زرار  پيرزادو

¨ نامياري اديب محمد علي پٺاڻ جي ٽي وي ڊراما سيريل تي ٻڌل ڪتاب”سامين سمر سُور“ منهنجي هٿن ۾ آهي.

¨ مان چوندو آهيان ته هڪ جنم ۾ ته ماڻهو هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو، ڪو ماڻهو ڪرڪيٽر ئي ٿي سگهي ٿو، هاڪي جو رانديگر ٿي سگهي ٿو، انجنيئر، ڊاڪٽر ٿي سگهي ٿو، راڳي يا اداڪار ٿي سگهي ٿو پر محمد علي پٺاڻ ۽ اسانجن اديبن ۾ اها ڪمال جي صلاحيت آهي ته اُهي ڪيترن ئي محاذن تي ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ جنم ۾ ڪيترن ئي جنمن جو ڪم اڪلائي وجهن ٿا.

¨ ڪتاب ” سامين سمر سُور“ ۾ محمد علي پٺاڻ هڪ ڊراما نگار طور نظر اچي ٿو جڏهن ته ان جي سڃاڻپ جا ڪيترائي سگهارا حوالا آهن. پاڻ ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، ناول نويس، سفرناما نويس، نقاد، ادبي ڪارڪن ۽ سنڌي ادب جي شعبي جا استاد آهن.

¨ هو جيئن معمول موجب ٻين ليکڪن تي لکڻ جو زور ڀريندو رهيو آهي تيئن پاڻ به رول ماڊل بڻجي هر دور ۾ ۽ لاڳيتو لکندو رهيو آهي. جڏهن به ۽ جيترو به لکيو آهي سو نه رڳو بامقصد آهي پر نت نون تجربن تي ٻڌل رهيو آهي.

¨ ڪو اهڙو به وقت ايندو آهي جڏهن اٿاهه مطالعي، گهري مشاهدي ۽ وسيع تجربي کانپوءِ ماڻهو پاڻ مان به سکڻ لڳندو آهي. محمد علي پٺاڻ هاڻي ان دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هو هاڻي بحيثيت سينئر اديب، پاڻ مان سکي رهيو آهي ۽ ادبي صنفن ۾ انوکا تجربا ڪندڙ هڪ جرئتمند ليکڪ طور متعارف ٿي رهيو آهي.

¨ ناول کي طويل نظم ۾ لکڻ، ڪهاڻي کي سئو لفظن ۾ اوتڻ، بنا ڊائلاگ جي ڊراما لکڻ سان گڏ هن تمام گهڻا موضوعاتي تجربا به ڪيا آهن. مثال طور ڪارو ڪاري جي موضوع تي سندن شاندار ۽ يادگار ڊراما سيريز آهي ”اڇي رات ڪارو چنڊ“

¨ ان ڊرامي ۾ محمد علي پٺاڻ ڪارو ڪاري واقعن پٺيان لڪيل ڪرپٽ ذهنيت واري پسمنظر جي پهريون دفعو نه رڳو نشاندهي ڪئي پر ان کي ٽي وي جهڙي طاقتور ميڊيا تي نروار ڪري ڪارو ڪاري واقعن ۾ موجود نام نهاد غيرت واري عنصر جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڏيکاري آهي.

¨ مطلب ته هڪ ڊراما نگار طور به محمد علي پٺاڻ جيڪي جرئتمنداڻا تجربا ڪيا آهن تن تجربن جي تسلسل ۾ ”سامين سمر سُور“ واري هيءَ ٽي وي ڊراما سيريل به آهي.

¨ هن ٽي وي ڊراما سيريل جو جيڪو نئون موضوع ۽ انوکي ٻولي آهي تنهن جو هڪ نمونو هي آهي. ” وڏيرو: چئه ڪو ڪم آ جوڳي فقير. رمون جوڳي: ها وڏيرا سائين، مَني نانگ  اغوا ٿي گيو هَئي، اُِو واپس ڏياري، وڏيرو: ڇا، ڇا چيئي نانگ اغوا ٿيو آ؟. رمون جوڳي: بلڪل وڏيرا سائين، مَني نانگ اغوا ٿي گيو هَئِي. اڇا داري ڪاريهر هئي، قيمتي هئي، هر ماهه مڻ ڏيسي جنهن سان اسان جوڳي فقير نانگ دي ڏنگ دا زهر چوسي“

¨ جي سائين اهو آهي جوڳين ۽ سامين جي زندگي تي ٻڌل ڊرامي جو منفرد ۽ دلچسپ موضوع.

¨ عام طور تي اسان رڳو ڊراما ڏسندا آهيون پر ڊراما ڪيئن لکبا آهن تنهن جي انداز ۽ ٽيڪنيڪ  جي پاڻ کي پروڙ ناهي هوندي پر هيءُ ڪتاب نون ليکڪن  لاءِ گائيڊ لائين بڻجي ٻڌائي ٿو ته ڊراما هيئن لکبا آهن.

¨ ان حساب سان هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادبي ادارن ۾ اسٽڊي سرڪل يا يونيورسٽيءَ سطح جي ادبي نصاب ۾ رکڻ جو حقدار آهي.

¨ پنجن ائڪٽن تي ٻڌل ۽ 80 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب نامياري پبلشنگ اداري پيڪاڪ پبلشرس ڇپائي  پڌرو ڪيو آهي جيڪو ان اداري طرفان محمد علي پٺاڻ جو ڇپيل هيءُ  پنجون ڪتاب آهي.

¨ اداري پاران ڊاڪٽر آفتاب ابڙي لکيو آهي جنهن جي ڪتاب تي ڏنل پنهنجي راءِ  جي هميشه هڪ الڳ ۽ وڏي اهميت رهي آهي. ڪتاب به ڇپرائي ڏي ۽ پنهنجي قيمتي راءِ به ڏئي ته باقي ٻيو ڇا گهرجي. اسان آفتاب ابڙي صاحب جي راءِ کي صاحب ڪتاب لاءِ هڪ تحفو سمجهون ٿا.

¨ ڪتاب جو مهاڳ سينئر ڪهاڻيڪار ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي مشهور پروڊيوسر بادل جمالي صاحب جو لکيل آهي جنهن جي نالي تي ڪيترائي يادگار ڊراما ڊائريڪٽ ٿيل آهن ڊرامن بابت سندس ڏنل راءِ پڻ هن ڪتاب جي اضافي سونهن آهي.

¨ محمد علي پٺاڻ صاحب هيءُ ڪتاب پنهنجي موجوده ساٿي طالب حسين چنو کي هنن لفظن ۾ ارپيو آهي ته ”ڏک سک جي ساٿي ۽ ڀائرن جهڙي دوست طالب حسين چنو جي نانءَ.“ محمد علي پٺاڻ پنهنجي طويل نظم ” وقت بيهي نٿو“ ۾ به هڪ بند ۾ لکي ٿو ته ”هو چنو جنهن کي ٿا، ماڻهو طالب چون، سو اجهو مون ٿيو، ڏک جو درد جو، لڙڪ جنهن سان ملي، ٽهڪ ٿي ٿا وڃن“

¨ بيڪ ٽائيٽل تي بيحد سگهاري ڪهاڻيڪار انور شيخ جا ويچار، فليپ تي ڊاڪٽر احسان دانش ۽ نوجوان اديب علي بخش پٺاڻ جا ڏنل رايا پڻ هن ڪتاب ۽ ليکڪ محمد علي پٺاڻ کي جوڳو خراج پيش ڪن ٿا.

¨ هيءَ ٽي وي ڊراما سيريل اڃا ٽيليڪاسٽ ناهي ٿي ۽ شايد انڪري ٽيليڪاسٽ  ناهي ٿي سگهي جو ڪنهن به ڊائريڪٽر لاءِ هي ڊرامو ڪرڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي ۽ ڏکين ڪمن ۾ هٿ وجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي هوندي. اسان  سهنجا ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيون، ڏکين ڪمن کان لهرائيندا آهيون.

¨ جيڪڏهن هي ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿئي ته ٽي وي چينلن لاءِ نه رڳو هي نئون موضوع هوندو پر ”دنگي منجهه درياهه“ جهڙن عالمي سطح جي سنڌي ڊرامن جي صف ۾ بيهڻ جو ريڪارڊ ماڻيندو.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته  محمد علي پٺاڻ هن ڊرامي جي ٽيليڪاسٽ نه ٿي سگهڻ واري الميي جو ازالو هن ڊرامي کي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي صورت ۾ ڪري ڏيکاريو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف ۽ حڪومتي ڌر جي ڊيل جا پڙاڏا

دوست  حفيظ چنا ملڪ ۾ فيبروري جو اڌ گذريو پيو وڃي پر مٿاهن علائقن ۾سردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے