16 ہفتہ , فروری 2019

آسيه بي بي جي بريت خلاف نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ آسيه بي بي جي بريت خلاف نظرثاني اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. آسيه جي آزادي لاءِ عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي 29 جنوري تي ٿيندي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ساڻس گڏ بئنچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل آهن. سپريم ڪورٽ گذريل سال 31 آڪٽوبر تي توهين رسالت ڏوهه  ۾ موت جي سزا مليل آسيه بي بي کي شڪ جو فائدو ڏئي بري ڪري ڇڏيو هو. عدالت قرار ڏنو ته شاهدن جي بيانن ۾ تضاد آهي. فريادي قاري محمد سالم سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪئي جيڪا ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. آسيه مسيح تي الزام هو ته هن جون 2009ع ۾ هڪ عورت سان جهيڙي دوران حضرت محمد صلعم جي شان ۾ توهين جوڳا جملا چيا، آسيه بي بي کي توهين رسالت جي الزام ۾ 2010 ع ۾ لاهور جي ماتحت عدالت موت جي سزا ٻڌائي. لاهور هاءِ ڪورٽ به سندس موت جي سزا خلاف اپيل خارج ڪئي جنهن بعد سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے