20 ہفتہ , اپریل 2019

جاچ آفيسر پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيب انڪوائري جي  هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر جي غير حاضري تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جا جاچ آفيسر پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن، نيب وارا سالن تائين انڪوائيز هلائيندا رهندا آهن.جاچ آفيسرن جي عدالتن ۾ پيشي يقيني بڻائي وڃي.عدالت  ۾ڪو آپريٽو سوسائيٽي لاءِ جعلي دستاويزن تي زمينون وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار نصبيب الله جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ڊي جي نيب چيف جسٽس جي چئمبر ۾ پيش ٿيو. چيفجسٽس نيب جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني ظاهر ڪندي ڊي جي نيب کي ڇنڊ پٽي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب وارا سالن تائين انڪوائيز هلائيندا رهندا آهن.چيف جسٽس ڊي جي نيب کي هدايت ڪئي ته نيب انڪوائريز ۽ جاچ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اسٽاف کي تربيت ڏني وڃي عدالت نيب جي جاچ آفيسرن جي غير حاضرين تي به ڪاوڙ ظاهر ڪندي ڊي جي نيب کي هدايت ڪئي ته جاچ آفيسرن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي اهو نه ٻڌايو ته نيب جا جاچ آفيسر ڪٿي مصروف آهن،

هي به ڏسي سگهو ٿا

خبر ناهي اسد عمر کي ڇو هٽايو ويو: شاهه محمود قريشي

ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسد عمر تحريڪ انصاف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے