22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:لاڙڪاڻو: مبينا پوليس مقابلي ۾ معذرو بڻيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

*  لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا  پوليس مقابلي ۾ ڄنگهه کان معذور بڻيل ڳوٺ عاقل واسي نوجوان جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو .

مبينا پوليس مقابلي ۾ معذور بڻيل نوجوان جي وارثن انصاف لاءِ گل محمد گاد، سڪينه گاد ، شمع خاتون، شيڪله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته نوجوان وسيم احمد گاد کي ايس ايڇ او عاقل نبي بخش ڏاهاڻي 15 جنوري جي ڏينهن جڙتو مقابلي ۾ گوليون هڻي  معذور بڻائي ڇڏيو آهي.

 هن چيو ته وسيم  گاد ڏوهاري نه هو کيس بيگناهه امام بارگاهه مان پڪڙي ڦل روڊ تي ايس ايڇ او عاقل نبي بخش ڏاهاڻي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس ٽنگهه ۾ گولي هڻي ڇڏي.

 معذور بڻيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته هنن وسيم جو ڪراچي مان علاج ڪرائڻ پئي چاهيو پر  پوليس علاج ٿيڻ نه ڏنو نيٺ نوجوان جي  ڄنگهه ڪٽجي وئي.

 نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي وسيم احمد گاد کي انصاف فراهم ڪيو وڃي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے