22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ:لاڙڪاڻو:سول سوسائٽي ۽ شهرين ڇو ڪيو احتجاج

*لاڙڪاڻي ۾ ساهيوال واقعي سميت فل فراءِ ۽ هاف فراءِ وارن واقعن ۽ عدالتن کان مٿاهن قتلن خلاف سول سوسائٽي جي تنظيمن  پاران احتجاج ڪيو ويو .

سماجي ڪارڪنن سيد جاويد شاهه، ياسر جتوئي، عابد سانگي، حافظ علي شير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس انساني حقن جي  ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي پوليس کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو بيگناهه ماڻهن کي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪري.

 هنن چيو ته ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي پوليس بيگناهه ماڻهن کي خطرناڪ دهشتگرد ڄاڻائي وچ روڊ تي گولين جو کاڄ بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو .

سماجي اڳواڻن چيو ته  لاڙڪاڻي شهر ويجهو اڳوڻي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جي اباڻي ڳوٺ جي رهواسي پورهيت نوجوان وسيم احمد گاد کي پوليس پاران ڏوهاري ڄاڻائي هاف فراءَ  ڪيو ويو .

هنن مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ترت موثر قانونسازي ڪرڻ سان گڏ جوڳا قدم کنيا وڃن……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

پلواما حملي جو فائدو ڪنهن کي پهتو، فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے