15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري شاه جي رسالي ۾ اکرن ۽ لفظن جو ڇيد:تحقيق: امر فياض ٻرڙو

 

اھا ڳالھ ڪيترن ڏينھن کان منھنجي من ۾ ھُرندي ھئي ته شاه جي رسالي جو مڪمل طور سائنسي لحاظ کان اکري ۽ لفظي ڇيد ڪجي، ته جيئن اھا خبر پئجي سگهجي ته رسالي ۾ ڪيترا اکر ۽ لفظ آھن. يا وري انھن اکرن ۽ لفظن جو ورجاءُ ڪيترا ڀيرا ٿيل آھي. مقصد اهو ته جيئن انھيءَ ڳاڻيٽي تي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ به ھڪ جامع لغت تيار ڪري سگهجي، جنھن ۾ انھن لفظن جي استعمال ۽ انھن جي تُز معنا آسانيءَ سان نڪري سگهي. ان وچ ۾ اينڊرائيڊ فونن جي ڪيبورڊ ٺاھيندڙ جڳ مشھور ڪمپني سويفٽ ڪي (SwiftKey) وارن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رھي ته جيئن اھي به دنيا جي ٻين ٻولين جي قطار ۾ سنڌي ٻولي کي به آڻين، ان لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي بابت اسان پنھنجون خذمتون آڇيون ته ھنن ان ڳالهه کي قبول ڪيو، ان کان پوءِ مون سنڌي ٻوليءَ جي ڪارپس تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت پروگرامنگ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عام جملا، چوڻيون ۽ پھاڪن سان گڏ مونکي سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنري به داخل ڪرڻي ھئي جو اچانڪ ذھن ۾ خيال اڀريو ته ڇونه شاھ جو رسالو ڪيبورڊ ۾ داخل ڪجي، سو ائين شاھ جي رسالي جي اکري ۽ لفظي ترتيب تي پروگرامنگ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيم. نيٺ گهڻي محنت کان پوءِ ”شاھ جي رسالي “ کي مڪمل طور تي جاوا پروگرامنگ ۾ اھڙو ڪرڻ جي قابل بڻائي وياسين جو بيت جي ھڪ لفظ لکڻ سان مٿيان لفظ پاڻمرادو اچڻ لڳا.

ھڪ اھم مقصد ٻيو به رھيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر تي موجود فقط ھڪ ڪيبورڊ آھي، جيڪو ھڪ عام رواجي ٽائيپ ڪندڙ جون گهرجون ته پوريون ڪري سگهي ٿو، پر جڏھن ان تي ھڪ ڊولپر يا آرڪيٽيڪچر ويھن ته ھوند ان لاءِ ان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، ان سان گڏ سڀاڻي جيڪڏھن ”شاھ جو گنج“ ڪمپوز ٿئي ته ان لاءَ به ھي مروج ڪيبورڊ ڏکيو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ھي ڪيبورڊ انگريزيءَ جي (QWERTY) اکرن لاءِ ته صحيح آھي پر شاھ جو رسالو سنڌيءَ ۾ ٽائيپ ڪرڻ لاءِ بلڪل موزون نه ٿو لڳي، انڪري محنت ڪري تحقيقي حساب سان اھو معلوم ڪرڻ ضروري هو، ته شاھ جي رسالي ۾ گهڻي کان گهڻا استعمال ڪيل ڪھڙا اکر آھن، ته جيئن ان جي روشني ۾ انهن اکرن جي حساب سان ھڪ جدا ڪيبورڊ تيار ڪيو وڃي.

ياد رھي ته ھن قسم جو ڪم جڳ مشھور شاعر ۽ ڊرامانويس وليم شيڪسپيئر تي اڳ ۾ ئي ٿيل آھي، ياد رهي ته انگريزي نقادن ۽ محققن شيڪسپيئر لاءِ انگ اکر ڪڍي ٻڌايو ھئو ته ھن صاحب پنھنجي ڪُل ادبي پورھيي ۾ 31534 انگريزيءَ جا لفظ استعمال ڪيا آھن، جن ۾ مفرد لفظن جو تعداد 14376 آھي. (حوالو: KOTTKE.ORG )

ان ڳالھ کي سامھون رکي جيڪو رسالو ڪمپيوٽيشنل وچور ھيٺ رکڻ لاءِ چونڊيو ويو،اهو محترم ڪلياڻ بولچند آڏواڻيءَ صاحب جو هو، جيڪو محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ويب سائيٽ تي رکيل آھي. هتي ھيءَ ڳالھ ذھن ۾ ھجي ته ھيءَ تحقيق فقط ھڪ رسالي تي مشتمل آھي، جيڪا تجربي طور ڪئي پئي وڃي. ٻين رسالن ۾ شامل بيت جيڪڏھن شامل ڪيا وڃن ته به انھن جي ڪارپس ۾ ڪُل لفظن ۽ اکرن جو تعداد ته وڌندو پر انھن جي نسبت ذري گهٽ ساڳي ئي رھندي.

شاھ سائينءَ جي رسالي جو ڪارپس مڪمل ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويو، ان جو تفصيل ھن طرح آھي:

  • سڀ کان پھريان سڄي رسالي مان سُرن جا نالا، فصلن جا نمبر ۽ وائيءَ يا بيتن جا نمبر جدا ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته اھي سرڪار ڀٽائيءَ طئي نه ڪيا ھئا.
  • رسالي جو لفظي ڊيٽابيس ٺاھي سڄي رسالي جي لفظن کي لسٽ جي شڪل ۾ آندو ويو، تنھن بعد مفرد لفظ جدا ڪري انھن جي ورجاءَ جو ڳاڻيٽو ڪڍيو ويو ته جيئن خبر پئجي سگهي ته ڪھڙو لفظ رسالي ۾ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيو آھي. ان لسٽ واري ڊيٽابيس کي جدا ڪري وري اکرن جو ڇيد بلڪل ساڳي صورت ۾ ڪيو ويو، جيئن لفظن جيان اکرن جو به ڇيد نڪري سگهي.
  • اکرن جي بنياد تي جدا لسٽ ٺاھي وئي ته ڪھڙو اکر ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيو آھي.
  • سڄي رسالي جي لفظن ۽ اکرن کي فلٽر واري پروگرام ۾ ھلائڻ لاءِ جدا پروگرامنگ ڪئي وئي، جيڪا ڪنھن خاص لفظ يا اکر جي ترتيب ۽ ڳاڻيٽو ٻڌائڻ لاءِ مددگاري ٽول طور ڪم ڏيڻ لڳي.

ان حساب سان ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ، اسان کي جيڪا به معلومات گهربل ھئي، اها هڪ پل ۾ ڪڍي ڏيئي اچي، اسان جي سامھون بيھي رھي. مثال اسان کي اھو معلوم ڪرڻو هجي ته رسالي ۾ ”ث“ اکر ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آھي، يا اکر ”ث“ سان شروع ٿيندڙ ڪھڙا بيت ۽ ڪيترا ڀيرا آيا آھن، يا اکر ”ث“ آخر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪھڙا لفظ ۽ ڪيترا ڀيرا آيا آھن، يا وري سموري رسالي ۾ ”ث“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آھي، ته اھو سڀ ڪجھ ھڪ پل ۾ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي لفظن جي ڳاڻيٽي ۽ ورجاءَ جو انگ به ڪڍيو ويو، جنھن جي ڪري اسان کي شاھ جي رسالي جو سڄو ڪارپس ڪمپيوٽيشنل سرشتي جي ڪري ترت نه فقط آڏو اچي، ويو پر ان جي ترتيب ۽ بيھڪن جي به خبر پئجي وئي.

ٿلھي ليکي جيڪا ابتدائي ڄاڻ ملي ان حساب سان سڄي رسالي ۾ لفظن ۽ اکرن جي ھن طرح سان ڳاڻيٽو ظاهر ٿيو:

سڀ لفظ مفرد لفظ (اعرابن سميت) مفرد لفظ (بغير اعرابن جي) سڀ اکر
34043 11958 8599 117315

 

ڪمپيوٽيشنل سرشتي ۾ آڻڻ لاءِ اسان اعرابن سميت پھريون پرگرامنگ ڪري گهربل نتيجا ڪڍيا، ان بعد وري اعراب صاف ڪري جڏھن نتيجن کي پرکيوسين ته لفظن جي سڃاڻپ 11958 مان گهٽجي وڃي 8599 تائين وڃي بيٺي.

ھاڻي وري لفظي ڳاڻاٽي ۽ ورجاءَ کي جاچيو ويو ته جيئن اھا خبر پئي ته ڀٽائي صاحب ڪھڙا لفظ سڀ کان گهڻا استعمال ڪيا آھن، ان سان گڏ اھو به معلوم ٿيو سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي حساب سان ڪھڙا اکر سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان گهٽ استعمال ڪيا آھن.

لفظي عدد کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪيو ويو، ته جيئن اعرابن سميت نه رڳو لفظن جي صحيح انگ تائين پھچي سگهجي، بلڪ انھن سڀني لفظن جي ھڪ ٻي جامع لغت انگريزيءَ ۽ سوليءَ سنڌيءَ ۾ ٺاھي سگهجي، مقصد اهو ته جيئن رسالي جي پڙھندڙن کي هڪ ئي وقت  معنا ۽ تشريح به ملي سگهي. ھيءَ مفرد لفظن جي لسٽ جيڪا 11958 لفظن تي مشتمل آھي، اھا سموري ته ھتي نٿي ڏيئي سگهجي، ھا پر سڀ کان پھريان انھن ھڪ سئو لفظن جي لسٽ رکون ٿا جيڪي نمبر وار سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيا آھن ۽ ان سان گڏ سڄي رسالي ۾ سيڪڙي جي حساب سان به ٻُڌايو ويو آھي. ڪمپيوٽيشن جي مدد سان اهو به معلوم ٿيو آهي، ته پھريان سئو لفظ جيڪي گهڻا استعمال ٿيا آھن، انهن جي لسٽ ھن طرح آھي:

سيڪڙو ورجاءُ لفظ نمبر سيڪڙو ورجاءُ لفظ نمبر
0.14 49 مون 51 2.15 731 نه 1
0.14 49 سُپِرِين 52 1.81 617 ۾ 2
0.14 47 ناهِ 53 1.71 582 جَي 3
0.14 46 پَرِ 54 1.32 448 کي 4
0.14 46 ڪَنِ 55 1.15 393 جو 5
0.13 45 جُون 56 0.95 322 سين 6
0.13 44 راتِ 57 0.72 244 جا 7
0.13 44 پِرِين 58 0.71 241 ته 8
0.13 44 رِءَ 59 0.69 235 مَ 9
0.13 43 اَڄُ 60 0.61 206 مُون 10
0.13 43 سَڀِ 61 0.51 172 جِي 11
0.13 43 آئُون 62 0.41 139 سي 12
0.12 41 مَنجِھ 63 0.4 137 تان 13
0.12 41 پِرِينءَ 64 0.36 124 چئي 14
0.12 40 ٿي 65 0.34 116 تو 15
0.11 39 جِتِ 66 0.3 102 تُون 16
0.11 38 ڪيو 67 0.3 101 تي 17
0.11 38 مَنجھان 68 0.28 94 ڪَري 18
0.11 37 مان 69 0.27 91 لَطِيفُ 19
0.11 37 سَسُئِي 70 0.26 88 سو 20
0.11 36 ڏُونگَرَ 71 0.26 88 ڪِي 21
0.11 36 ٿو 72 0.24 83 ٿِيا 22
0.1 35 پاسي 73 0.24 81 ٿِئي 23
0.1 35 هوتَ 74 0.23 77 ڏي 24
0.1 35 پاڻُ 75 0.21 73 ٿِيو 25
0.1 35 ڄامَ 76 0.21 73 سا 26
0.1 33 وَرُ 77 0.21 72 ٿِي 27
0.09 31 ڏيئِي 78 0.21 72 جِئَن 28
0.09 31 مُنڌَ 79 0.21 71 ڪري 29
0.09 31 آءُ 80 0.21 70 ڪا 30
0.09 31 مَتان 81 0.19 66 تن 31
0.09 31 کان 82 0.19 66 ڪِينَ 32
0.09 31 پڻ 83 0.19 66 پاڻَ 33
0.09 31 تَنهِن 84 0.19 65 تون 34
0.09 30 جنهن 85 0.19 64 ڪو 35
0.09 30 تِنِ 86 0.19 64 ئِي 36
0.09 30 آيو 87 0.19 63 جن 37
0.09 29 وَٽِ 88 0.19 63 ۽ 38
0.09 29 پَسِي 89 0.18 62 ڪَيو 39
0.09 29 مانَ 90 0.18 62 اُنِ 40
0.09 29 سُورَ 91 0.17 58 ساڻُ 41
0.08 28 سَيَّدُ 92 0.17 57 ڪي 42
0.08 28 جِئن 93 0.17 57 آهي 43
0.08 27 مٿي 94 0.16 56 وِيا 44
0.08 27 مَرُ 95 0.16 55 ري 45
0.08 27 مَنَ 96 0.16 54 جنِين 46
0.08 26 پيرَ 97 0.16 54 مَٿي 47
0.08 26 نِينهَن 98 0.16 53 آءٌ 48
0.08 26 سُهڻِي 99 0.15 52 جان 49
0.08 26 ڪَرِ 100 0.15 50 پوءِ 50

 

مٿين ٽيبل ۾ ٻڌايل لفظن جو ڪُل ڳاڻيٽو ھڪ سئو آھي، جيڪي سئو لفظ سموري رسالي جو ڇويھ سيڪڙو ٿين ٿا. ھن ٽيبل ۾ لطيف سائين جي شاعريءَ واريءَ ٻوليءَ جو اھو به معيار ملي ٿو ته  لطيف سائين جو ڪوبه بيت جيڪڏھن کڻجي ته ان ۾ مٿين لفظن مان ضرور ڪجھ لفظ موجود ھوندا. ڇاڪاڻ ته مجموعي طور تي سنڌي ٻوليءَ جا مٿيان لفظ اڪثر استعمال ٿين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري ضمير، صفت، فعل ۽ حرف جر آھن.

ھاڻي وري جيڪڏھن اکري ڳاڻيٽي تي اچجي ٿو ته سڄي رسالي ۾ ڀٽائي صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ 117315 اکر استعمال ڪيا آھن ۽ الف ب ت وار جيڪا ترتيب ملي ٿي ته رسالي ۾ ڪھڙا اکر وڌ کان وڌ ۽ گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيا آھن انھن اکرن جي ترتيب وار لسٽ ھن طرح آھي.

 

سيڪڙو ورجاءُ اکر نمبر سيڪڙو ورجاءُ اکر نمبر
0.53 625 ڌ 27 14.13 16574 ي 1
0.5 585 ٻ 28 12.3 14430 ن 2
0.45 527 جھ 29 11.72 13747 ا 3
0.42 498 ڄ 30 8.65 10148 و 4
0.39 456 ح 31 5.94 6966 ر 5
0.37 439 ڇ 32 4.51 5289 ھ 6
0.37 433 ق 33 4.13 4840 س 7
0.35 406 گھ 34 3.56 4178 ج 8
0.31 361 ع 35 3.36 3939 م 9
0.3 349 ٺ 36 3.29 3856 ڪ 10
0.29 345 ف 37 2.75 3228 ت 11
0.24 277 ڃ 38 2.54 2985 ل 12
0.23 275 ش 39 2.42 2842 پ 13
0.21 249 ط 40 1.62 1900 ڻ 14
0.2 229 ڍ 41 1.53 1799 د 15
0.17 194 ز 42 1.34 1568 ء 16
0.17 194 ص 43 1.33 1560 ڏ 17
0.14 167 ڊ 44 1.33 1556 ڙ 18
0.14 165 خ 45 1.24 1450 ک 19
0.11 125 ڱ 46 1.04 1216 چ 20
0.07 78 ذ 47 0.95 1120 ٿ 21
0.06 65 ڦ 48 0.89 1045 ب 22
0.04 47 غ 49 0.88 1037 گ 23
0.04 46 ض 50 0.63 735 ڀ 24
0.03 30 ث 51 0.6 708 ڳ 25
0.02 27 ظ 52 0.54 637 ٽ 26

 

الف ب ت وار ھن لسٽ ۾ اسان پاڻ اھڙا اکر ڪڍيا آھن، جيڪي سنڌي الفابيٽ ۾ شامل نه آھن، مثال طور واوَ مٿان حمزو، اڀي زبر وار واري ي، ۽ ” ہٗ “ جيڪي الفابيٽ ۾ نه ھجڻ ڪري پرگرامنگ کي ٽوڙين پيا. بھرحال ان ھوندي به انھن جو انگ ھيٺينءَ ريت آھي:

سيڪڙو ورجاءُ اکر نمبر
0.05 64 ؤ 1
1.01 12 ى 2
0.01 11 ہٗ 3

 

مٿين درج ڪيل لسٽن ۾ اسان کي جيڪي نتيجا ملي رھيا آھن، انھن ۾ اھا پروڙ سولائيءَ سان پئجي سگهي ٿي ته ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري ترتيب ڏنل رسالي ۾ ان وقت استعمال ٿيندڙ سادا سنڌي آواز ۽ لفظ وڌ کان وڌ استعمال ٿيا آھن، جڏھن ته عربيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ جي آوازن کي تمام گهٽ اھميت آھي. مثال اوھان اکرن واري ورجاءَ جي لسٽ ۾ ڏسندا ته سڀ کان گهٽ جيڪي اکر ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري رسالي ۾ آيا آھن انھن جو نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ اھڙن اکرن جو انگ آھي جيڪي سنڌيءَ ۾ عربيءَ ٻوليءَ جا داخل ڪيل آھن، جن ۾ ظ، ث، ض، غ، ذ، خ ۽ ص وغيرھ اچي وڃن ٿا. ان جو مطلب اھو ئي نڪري ٿو ته ھن رسالي ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاھريان ايندڙ آوازن کي ايڏي توجھ ڏني ئي ڪونھي. وري جيڪڏھن اسان لطيف سائين جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ اکرن تي غور ڪريون ٿا ته اھي اکر جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن ۾ شامل آھن انھن تي لطيف سائين ڪجھ وڌيڪ ئي زور ڏئي رھيو آھي، جيئن: ي، ن، ا، و، ر، ھ، س، ج، م، ڪ، ت، ل، پ، ڻ، د وغيره.

ڪمپيوٽنگ جي مدد سان وري شاھ جي رسالي ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني لفظن جي بيھڪن  جيئن پھريون، آخري ۽ وچ ۾ ڪھڙا اکر وڌيڪ ۽ گهٽ استعمال ٿيل آھن، ته جيئن خبر پئجي سگهجي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لھجي ۽ رديفن ۾ ڪھڙا اکر وڌيڪ آھن ته سچ ۾ اھو انگ محققن لاءِ وڌيڪ تعجب وارو ملندو.

مثال طور ڀٽائي صاحب جنھن اکر جي ابتدا وارا لفظ سڀ کان وڌيڪ ورجاءَ ڪيا آھن، اھو اکر ”س“ (سِينُ) آھي. ھاڻي ھتي پروفيسر سترامداس سوڀاسنگھ جڙيا سنگهاڻي عرف ”سائل“ جو حوالو ڏيان ٿو، جنھن پنھنجي ھڪ جلدي لغت ۾ سنڌي اکر ”س“ لاءِ لکيو آھي ته: ”س ھڪ سدورو ۽ سڀاڳو اکر آھي. ھن سان جيڪو به لفظ شروع ٿيندو آھي، تنھن جي معنا گهڻو ڪري اڻوڻندڙ ڪانه آھي. ھن سان انيڪ سٺيءَ معنا وارا لفظ شروع ٿيندا آھن.“ ھاڻي اچون ٿا پاڻ پنھنجي ڪمپيوٽيشنل تحقيق تي جنھن ۾ ”شاھ جي رسالي“ ۾، سرڪار ڀٽائيءَ ”س“ اکر سان شروع ٿيندڙ 1182 لفظن جو ڳاڻيٽو آھي. جنھن مان صاف ظاھر آھي ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سونھن، سچ، سِڪ، سُکن، سينگارن جو امين شاعر آھي. ھو جڏھن سُور کي به ڳائي ٿو ته سُور کي پيامبر جيان سمجهي ٿو جنھن کان سواءِ سک ملڻ بيڪار آھي.

مٿين نتيجن کي سامھون رکي ھاڻي بيحد ٿڪائيندڙ تحقيق جو وارو آيو، جنھن ۾ شاھ جي رسالي ۾ سڀني اکرن جي بيھڪن جو جدا جدا ڇيد ڪرڻو ھئو ته جيئن خبر پئجي سگهي ته شاھ سائينءَ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جا ڪھڙا اکر پھريان، وچ ۾ ۽ آخر ۾ ۽ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيا آھن. ھن ٽيبل جي مدد سان اسان کي اھو نتيجو ملندو ته ڀٽائي صاحب سنڌي آواز (اکر) ۽ ٻاھريان آيل آوازن کي ڪيترو ڀيرو استعمال ڪري ٿو.

ڪل استعمال پڇاڙي اڳيان اکر نمبر ڪل استعمال پڇاڙي اڳيان اکر نمبر
249 29 99 ٿ 27 1788 239 1183 س 1
257 26 97 جھ 28 5430 966 1136 ا 2
126 6 86 خ 29 1555 294 932 م 3
168 12 80 ش 30 1079 24 929 پ 4
283 43 77 ڌ 31 1428 135 876 ڪ 5
141 8 63 ڍ 32 3894 1064 866 و 6
162 29 57 ف 33 1138 174 524 ج 7
114 7 54 ص 34 1480 261 450 ل 8
337 111 49 ٽ 35 3154 822 390 ر 9
199 34 49 ڄ 36 1032 268 377 ت 10
51 1 46 ڦ 37 678 45 374 ڏ 11
83 5 44 ط 38 4520 2638 339 ن 12
133 38 29 ز 39 572 40 330 چ 13
5680 2106 24 ي 40 557 63 291 گ 14
37 4 22 غ 41 286 7 244 ٻ 15
95 30 21 ڊ 42 524 44 195 ک 16
179 26 14 ٺ 43 330 13 190 ڀ 17
43 2 8 ذ 44 942 172 184 د 18
35 6 6 ض 45 596 135 173 ب 19
22 5 6 ث 46 941 87 145 ھ 20
15 0 5 ظ 47 242 11 138 ڇ 21
930 143 2 ڙ 48 386 57 126 ڳ 22
793 343 1 ڻ 49 264 28 120 ح 23
586 582 0 ء 50 193 12 117 گھ 24
114 15 0 ڃ 51 261 67 116 ق 25
74 9 0 ڱ 52 196 13 109 ع 26

 

ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر رابرٽ ڪراس پنھنجي تحقيق ۾ لکيو آھي ته سادي ٻوليءَ جي ھيٺين ڌارا جي آوازن سان ڳالھائيندڙ ماڻھو، پنھنجي مقصد کي عام ماڻھن وٽ چٽو ۽ صاف ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن جڏھن ته ڌارين آوازن ۽ ڳرن لفظن جي ڪري ھو عارضي طور تي ته رعب ويھاري سگهن ٿا پر اھي جٽادار مقصد کي ماڻڻ ۾ ناڪام ويندا آھن. (حوالو: http://www.columbia.edu/~rmk7/PDF/IESBS.pdf  ھاڻي جيڪڏھن پروفيسر رابرٽ ڪراس جي نظريي جي اک سان اسان لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ ٻوليءَ تي تحقيق ڪريون ٿا ڀٽائي صاحب نفسيات جي ان اصول جو مڪمل طور تي نه صرف ڄاڻو ھئو پر کيس ڀليءَ ريت خبر به ھئي ته سندس پيغام ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان گهڻن ماڻھن جي شخصي زندگيءَ کي لاڀائتو ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو، انڪري ئي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي پيغام يعني رسالي ۾ عام فھم ۽ مقامي آوازن ۾ شاعري ڪئي آھي.

اسان آڏواڻي صاحب واري شاھ جي رسالي جو مڪمل اکري ڇيد ڪري پوءِ اھا ڳالھ سمجهون ٿا ته شاھ جي ٻولي راھ ڏسڻيءَ جيان لڳي ٿي. تحقيقي مان ثابت ٿيو آھي ته شاھ صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ ان وقت ڳالھائي ويندڙ سادي سنڌي آوازن وارا اکر سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيا آھن، ته جيئن سندس پيغام کي نه رڳو پڙھيل لکيل ماڻهو ئي نه پر جهنگ جهر ۾ رھندڙ مارو ماڻهو به آرام سان سمجهي سگهن.

ھاڻي جيڪڏھن اسان ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي ۾ شامل ڪيل 11958 لفظن جي لغت ٺاھيون، ته شاھ جو سڄو رسالو سولي نموني سان ھرڪو سمجهي سگهي ٿو، جيئن اينڊرائيڊ جي ڪيبورڊ ۾ شاھ جو رسالو اچي ويو آھي، اهڙي ئي طرح آن لائين شاھ جي رسالي جي سڄي شرح ٺاھڻ بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿي.

مان سمجهان ٿو ته شاھ جي رسالي تي اکري ۽ لفظي جيڪڏھن ڪا تحقيق مستقبل ۾ ٿئي جيڪا ضرور ٿيڻي آھي، ان سائنسي بنيادن جي تحقيق ۾ ھي ڪارپس بنيادي طور تي ھڪ نمونو طور جيڪڏھن مددگار ٿئي ته اھا منھنجي لاءِ وڏي سعادت ڀري ڳالھ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

5 تبصرو

  1. عبدالرزاق عمراڻي

    امر فياض ٻرڙو جي ڪيل ڪوشش ساراهه جوڳي آهي سندس پورهئي بدولت شاهه لطيف کي اڄ جو نوجوان آساني سان پروڙي ء سمجهي سگهي ٿو سندس ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن اڻ ملهائتيون آهن

  2. This is the real and timely research. Bravo Amar

  3. Koi faido haroo bharoo waqat Jo ziyan . Mazo tadah thy ha Jo tafseer likheen ha

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے